چيٽ جي پي ٽي جي خالق ڪمپني اوپن اي آءِ، ايپل جي اڳوڻي ڊيزائن چيف جوني آئيو ۽ اوپن اي آءِ جي سي اي او سام آلٽمين جي گڏيل ڪمپني ”آءِ او پراڊڪٽس“ کي خريدڻ تي غور شروع ڪري ڇڏيو آهي.
”آءِ او پراڊڪٽس“ هٿرادو ذهانت واري ٽيڪنالاجي (اَي آءِ) تي ٻڌل جديد ڊوائيسز، خاص طور تي بنا اسڪرين وارا فون ٺاهڻ لاءِ قائم ڪئي وئي آهي.
دي انفارميشن جي رپورٽ موجب هي بغير اسڪرين وارو فون روايتي موبائلن کان بلڪل مختلف هوندو.
جوني آئيو ۽ سام آلٽمين 2024ع ۾ ڀائيواري ڪئي هئي، سندن مقصد هڪ وائس ايڪٽو اي آءِ اسسٽنٽ ٺاهڻ آهي، جيڪو سمارٽ فونز جي موجوده تصور کي تبديل ڪري سگهي.
هي منصوبو اڃا شروعاتي مرحلي ۾ آهي ۽ ان جو حتمي خاڪو يا تصور اڃا تائين تيار ناهي ٿيو.
اوپن اي آءِ ان ڪمپني کي مڪمل طور خريدڻ کانسواءِ، ”آءِ او پراڊڪٽس“ سان ڀائيواري جا ٻيا آپشن پڻ غور هيٺ آهن.
جيڪڏهن اها خريداري ٿي وڃي ٿي، ته اوپن اي آءِ کي نه رڳو نئين ٽيڪنالاجي تائين پهچ ملي سگهي ٿي پر هو ماهرن جي ٽيم به پنهنجي منصوبن جو حصو بڻائي سگهندي.
ياد رهي ته جوني آيو 2019ع ۾ ايپل ڇڏڻ کانپوءِ پنهنجي ڊيزائننگ فرم ”لو فرام“ قائم ڪئي هئي، جنهن کانپوءِ هن سام آلٽمين سان گڏجي اي آءِ تي ٻڌل ڪمپيوٽنگ ڊوائيسز ٺاهڻ لاءِ ڪمپني جوڙِي.
ان کان اڳ فيبروري 2025ع ۾ هڪ انٽرويو دوران سام آلٽمين اهو اشارو ڏنو هو ته اوپن اي آءِ ڪمپني سمارٽ فونز جي متبادل طور چيٽ جي پي ٽي هارڊويئر تي ڪم ڪري رهي آهي.
هن چيو هو ته ڪمپني جي ڪوشش آهي ته اهڙي ڊوائيس تيار ڪئي وڃي، جيڪا موجوده سمارٽ فونز جو جديد، ذهين ۽ صارف دوست متبادل هجي.
بهرحال اڃا تائين اها ڳالهه واضح ناهي ته اها نئين ڊوائيس ڪڏهن متعارف ڪرائي ويندي ۽ عام ماڻهن لاءِ ڪڏهن دستياب هوندي.
Next Post
You might also like