ڏکڻ اوڀر يورپ جي هڪ ملڪ سربيا ۾ھڪ ڪلو گرام پنير جي قيمت عام طور تي ملندڙ مھيني جي پگهار کان بھ وڌيڪ آهي. اھو پنير گڏهه جي کير مان ٺاھيو ويندو آھي.جنھن جي قيمت 12 سئو يورو (اٽڪل ٽي لک ستر هزار رپيا) في ڪلوگرام آهي.اهو خاص طور تي زاسويڪا نيچر رزرو ۾ وڪرو ٿئي ٿو.جيڪو بلغراد جي راڄڌاني کان 80 ڪلوميٽر اولهه ۾ واقع آهي.
زاساويڪا نيچر ريزرو جي مينيجر بي بي سي کي ٻڌايو تھ ھڪ ڪلو پنير ٺاھڻ ۾ گڏھ جو 25 ليٽر کير گھربل ھوندو آهي ۽ ايترو کير هڪ گڏهه ڏيڍ سال ۾ مس ڏئي سگھندي.
گڏهه جي کير جو پنير قيمتي پنيرن ۾ شامل آهي، پر اهو سڀ کان مهانگو پنير هجڻ جو رڪارڊ نٿو رکي.
سڀني کان مھانگو اسپيني ڪيبريلز بليو، پنير آهي، جنهن جو اڍائي ڪلوگرام 2024 ۾ 36 ھزار يورو (اٽڪل ھڪ ڪروڙ 11 لک رپيا) ۾ وڪرو ٿيو ۽ ان جي تصديق گينيز بڪ آف ورلڊ رڪارڊ مان ڪري سگھجي ٿي. اھو پنير دنيا جي اميرن جي رسائي ۾ مس آھي.سربيا جي شهري ۽ ٽينس ليجنڊ نوواڪ جوڪووچ ، پنهنجي ريسٽورنٽس لاءِ سڄي سال جي سپلاءِ ورتي آھي.
زاساويڪا نيچر رزرو 36 چورس ڪلوميٽر جي قدرتي پناھ گاھ آھي،جتي اڻلڀ ٻوٽا ۽ جانورن جا نسل، جهنگلي گھوڙا ۽ سوين پکي رھن ٿا.ھڪ مشهور رهواسي وٽ 300 گڏه ۽ گڏھيون آهن،اھو وڏو گڏهه فارم هائوس آھي.
گڏهه سڄي دنيا ۾ ضدي جانور طور لا سڃاتا وڃن ٿا، پر ساڳئي وقت، اهي نرم مزاج ۽ ملنسار مخلوق آهي.
فارم جو سربراهه نڪولا نيلڪ چوي ٿو ته هر گڏهه جي پنهنجي شخصيت هوندي آهي.ڪي وڌيڪ چنچل آهن، ڪجهه سنجيده آهن، پر انهن سڀني کي ٿورو ڀاڪر پائڻ پسند آهي“
3 سئو مان رڳو ھڪ درجن نر باقي ماديون آھن.ھن چرچو ڪندي چيو تھ لڳي ٿو ته اهي مقدس جاءِ ۾ رهن ٿا.
ھن ٻڌاو تھ ھڪ گڏھ روز رڳو 300 ملي ليٽر کير ڏئي ٿي، جيڪو هڪ گلاس برابر آهي.
ان جو اڌ حصو سندن کودي يا کودي کي پيڻ لاءِ ڇڏي ڏبو آھي.انڪري پنير جي پيداوار محنت طلب ۽ سست ٿئي ٿي.پنير جي راز بابت سوال تي نڪولا بلڪ چيو تھ ان بابت ھو نھ ٻڌائيندو.گڏهه جي کير مان پنير ٺاهڻ جو خيال پهريون ڀيرو ووڪ سيمڪ جي والد کي ڏهاڪو سال اڳ پيش ڪيو هو.ان ۾رڪاوٽ گڏهه جي کير جي منفرد جزن جي هئي، جيڪو انساني کير وانگر آهي ۽ آساني سان گھاٽو نھ ٿيندو آهي.پر ماھر فوڊ انجنيئرن جي ڪوشش بعد ان ۾ ڪاميابي ملي.ھن چيو تھ ان جو ذائقو “مھانگو“ آھي. شهرت باوجود، پيول پنير عام ماڻهن لاءِ دستياب ناهي ۽ برآمد نه ڪيو ويندو آهي هر سال صرف 25 کان 30 ڪلوگرام پنير ٺاھي سگھبي آھي ۽ اهو ئي ان کي غير معمولي بڻائي ٿو.سربيا ۾ ڪجهه ننڍا گڏهن جا فارم آهن، پر سربين ڪيٽل فارمرز جي ايسوسيئيشن موجب، گهڻو ڪري پنير جي بدران کير وڪڻڻ تي ڌيان ڏنو ويندو آهي.سربيا جي چيمبر آف ڪامرس بي بي سي کي ٻڌايو ته گڏهه جي کير جي پيداوار جو معيشت تي اثر نه هجڻ برابر آهي.وڏي پيماني تي پنير جي پيداوار لاءِ گڏهه جو کير خريد ڪرڻ منافعي بخش ناهي.پنير برآمد ڪرڻ لاءِ مخصوص ضابطن جي ضرورت آهي ۽ رڳو ھي ”سيمڪ “ ان جي ڪا ڳجهي ترڪيب ڄاڻي ٿو.جيڪا هن جو ھن وقت ڪنهن سان به شيئر ڪرڻ جو ڪو ارادو نھ آھي.سيمڪ چوي ٿو ته امڪاني بين الاقوامي خريد ڪندڙن جي دلچسپي جي باوجود، گڏهه جي کير مان ٺهيل پنير برآمد ڪرڻ سندس ترجيح ناهي.سڄي دنيا ۾ ماڻهن اسان بابت ٻڌڻ شروع ڪيو ۽ اسان پنهنجي ٺاهيل هر شيءِ وڪڻي ڇڏيندا آهيون.اهي تسليم ڪري ٿو تھ خريدار ڪندڙ اميرترين پرڏيهي آهن جيڪي هن نادر نعمت لاءِ پئسا ڏيڻ لاءِ تيار آهن.