اسان جو سماج ڪيڏو اڻ پڙهيل، ڪيڏو غير مهذب ۽ انساني حقن کان وانجهيل آهي تنهن جو اندازو هونئن ته انسان حقن جي ڀڃڪڙين ۽ تذليل وارن روز جي واقعن کي ڏسي ٿيندو آهي جيڪي پرنٽ ۽ اليڪٽرانڪ توڙي سوشل ميڊيا تي رپورٽ ٿيندا رهندا آهن. هونئن ته هتي مرد هجن، ٻار جوان، پوڙها، حيوان، پکي پکڻ ڪير به محفوظ ناهي پر عورتن جي حوالي سان ته اسان جو سماج دوزخ کان گهٽ ناهي. سڀ کان گهڻيون زيادتيون ۽ تذليل اسان جي سماج ۾ عورتن جي ئي ٿيندي آهي.
ان حوالي سان ڪجهه ڏينهن اندر ٻه ڏاڍا خوفناڪ واقعا ٿيا آهن جن کي ڪنهن ريت به نظرانداز نٿو ڪري سگهجي. هڪ واقعو قمبر ويجهو ٿيو آهي. هن ئي مهيني جي 8 اپريل جي اخبارن ۾هڪ خبر شايع ٿي آهي ته قمبر لڳ راهوجا ڳوٺ ۾ پرائمري اسڪول جي ٽيچر صدف حاصلو کي پوليس اهلڪار فريد حاصلو شادي کان انڪار ڪرڻ تي گوليون هڻي قتل ڪري فرار ٿي ويو. رپورٽون آهن ته پوليس اهلڪار ڏينهن ڏٺي جو سرعام ٻين ماسترياڻين جي سامهون پنهنجي مڱيندي تي گوليون هلايون. فريد حاصلي خلاف ٿاڻي تي قتل ڪيس داخل ڪيو ويو آهي.
ٻيو واقعو وري 11 اپريل جي اخبار ۾ خبر طور شايع ٿيو آهي ته سينٽرل جيل ميرپور خاص جي ليڊي پوليس اهلڪار جو وردي سان ڪوارٽر ۾ ٽنگيل يعني ڦاهو کاڌل لاش هٿ آيو آهي. ان ليڊي پوليس اهلڪار جو نالو مهوش جروار ٻڌايو وڃي ٿو رپورٽون آهن ته مهوش جروار جي خودڪشي ۾ يوسف کوسي نالي پوليس اهلڪار جي ملوث هجڻ تي شڪ جو اظهار ٿي رهيو آهي. ليڊي پوليس اهلڪار جي امڙ ياسمين جروار ميرپور خاص پريس ڪلب ۾ پريس ڪانفرنس ڪندي ٻڌايو آهي ته پوليس اهلڪار يوسف کوسو منهنجي ڌيءَ کي ٻن سالن کان بليڪ ميل ڪندو هو. منهنجي ڌيءَ کي شادي کي لاءِ زور ڀريندو هو. ان پوليس اهلڪار کي مهوش جي ڪوارٽر ۾ اڪثر ڪري ويندي ايندي ڏٺو ويو هو. ٻئي پاسي فرياديءَ ڪيس ۾ ڄاڻايو آهي ته جوابدارن اهلڪار يوسف کوسو وارن منهنجي ڌي مهوش جروار کي سندس ڳچيءَ ۾ رسو وجهي ڦاهو ڏئي قتل ڪيو آهي.
اصل ۾ اسان جي سماج اندر عورتن سان اهڙا مسئلا ۽ ذهني توڙي جسماني ٽارچر هر جڳهه، هر گهر، آفيسن بازارن ۽ رستن تي لڪ ڇپ توڙي سرعام ٿيندا رهندا آهن. معنيٰ ته عورتون اڪثريتي طور تي اسان جي سماج اندر مردن جي ظالم جنڊ ۾ پيسجنديون رهنديون آهن. اها به حقيقت آهي ته عورتن سان ظلم ۽ زيادتين جا واقعا ايترو رپورٽ ناهن ٿيندا جو اهي لڪايا ويندا آهن. عورتون پاڻ به پنهنجي ماءُ پيءُ، مٽن مائٽن جي عزت کي بدنام ٿيڻ کان بچائڻ لاءِ پاڻ مٿان مردن جو ظلم ۽ زيادتيون برداشت ڪنديون رهنديون آهن. جيتوڻيڪ هاڻي آهستي آهستي عورتن ۾ اهو شعور پيدا ٿيڻ لڳو آهي ته اهي پريس ڪلبن ۾ پهچي پاڻ سان ٿيل وارداتن کي بيان ڪرڻ لڳيون آهن پر اها اڃان شروعات آهي.
هونئن ته اها مڃيل حقيقت آهي ته انسان به هڪ سماجي جانور آهي. حيوانن واريون سڀ جبلتون سندس اندر موجود آهن اهڙي سماجي جانور کي قانوني حدبندين ۾ رکڻ لاءِ ئي هي قانون، جيل ۽ عدالتون قائم ٿيل آهن. ان لحاظ کان پهريون فرض حڪومتن جو آهي ته اهي قانون ۽ انصاف جي بالادستي کي يقيني بڻائين ته جيئن هي سماجي جانور ظلم جون وارداتون نه ڪري سگهي ۽ جيڪڏهن ڪري ته کيس سخت سزائون ڏئي ٻين ڏوهارين لاءِ مثال قائم ڪجي. پر افسوس ته اسان جي سماج اندر قانون جي بالادستي کان وڌيڪ لاقانونيت جو راڄ رهيو آهي. انصاف ناپيد رهيو آهي.
پر پاڻ هتي جن ٻن عورتن جي قتل جو ذڪر ڪيو آهي تنهن جو هڪ پاسو ان ڪري به حيرت جوڳو آهي ته انهن عورتن جي قتل ۾ پوليس اهلڪارن جو هٿ ڄاڻايل آهي جن جي پيشه وراڻي ڊيوٽي اها آهي ته اهي آئين ۽ قانون کي بالادست رکڻ جو ڪردار ادا ڪن پر جيڪڏهن اهي پاڻ ئي ڏوهن ۽ قتلن ۾ ملوث هجن ته باقي ڇا ٿو بچي؟ جيڪڏهن پوليس اهلڪارن ۾ به مجرماڻي ذهن موجود هجي ته اها صورتحال اڃان به وڌيڪ خوفناڪ آهي. ٿاڻا ته اصولي طور تي اصلاح گهر سمجهيا ويندا آهن. اتي ته جيڪر ڏوهاري ۽ قاتل قيدين جي اصلاح جو ماحول هجي پر اتي جا پوليس اهلڪار به مجرماڻي ذهنيت رکندڙ، عورت دشمن ۽ غير جمهوري روين جا مالڪ هوندا ته اهي قيدين ۽ قاتلن جي ڪهڙي اصلاح ڪندا.
سو هڪ اهلڪار پنهنجي مڱينديءَ کي شاديءَ کان انڪار ڪرڻ تي قتل ڪيو آهي ۽ ٻئي واقعي ۾ هڪ ليڊي پوليس اهلڪار جي آپگهات ۾ پوليس اهلڪار جي ملوث هجڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. ان ليڊي اهلڪار به روايتي عورتن وانگر ڦاهو کائي ظلم کان نجات حاصل ڪئي آهي يا قتل ڪئي وئي آهي اهي ٻئي واقعا ٻڌائين ٿا ته اسان جي معاشري ۾ عورتون پوليس اهلڪارن کان به محفوظ ناهن. جيڪڏهن پاڻ پوليس اهلڪارن آهن ته تڏهن به ڏوهاري ذهنيت جي مرد پوليس اهلڪارن سان قانوني طور مقابلو ڪرڻ کان وانجهيل آهن. ان ۾ ڏوهه عورتن جو ناهي پر اسان جو حڪومتي، عدالتي ۽ پوليس جو نظام ئي اهڙو آهي جنهن ۾ ڏوهارين ۽ قاتلن جي بخشش ۽ همت افزائي جو ماحول وڌيڪ آهي.