پيپلز پارٽي ڪئنالن تي سنڌ جي عوام سان ڪوڙ ڳالهايو آهي، معافي وٺي: جي ڊي اي

ڪراچي(رپورٽر ) سنڌو درياهه تي ڇهن نون ڪينالن جي اڏاوت خلاف گرينڊ ڊيموڪريٽڪ الائنس (جي ڊي اي)  سنڌو درياهه بچايو تحريڪ پاران جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪندي 19 اپريل تي حيدرآباد ۽ 27 اپريلتي لاڙڪاڻي کان قمبر تائين احتجاجي مارچ جو اعلان ڪيو آهي. اڳواڻن جو  چوڻ آهي ته پاڻي اسان جي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي، تڪراري ڪئنالن کي ڪنهن ب صورت ۾ نه ٺهڻ ڏنو ويندو،  پيپلز پارٽي سنڌ جي عوام سان ڪوڙ ڳالهائڻ ۽ دوکو ڏيڻ تي معافي وٺي، بلوچستان جو حل اصل سردارن ۽ عوام کي اقتدار سونپڻ ۾ آهي. عمرڪوٽ جي ضمني چونڊ ۾ سڀني کي برابر جو ميدان ڏنو وڃي. 15 اپريل تي عمرڪوٽ ۾ تاريخي جلسو ٿيندو.اهڙن خيال جو اظھار جي ڊي اي سنڌ جي چيف ڪوآرڊينيٽر ۽ مسلم ليگ فنڪشنل سنڌ جي صدر سيد صدرالدين شاھ راشدي پريس ڪانفرنس دوران ڪيو، ان موقعي تي ڊاڪٽر فهميده مرزا، ڊاڪٽر ارباب غلام رحيم، اسدالله ڀٽو، ڊاڪٽر صفدر عباسي، مسرور سيال، رياض چانڊيو ۽ ٻين پڻ خطاب ڪيو.ان کان اڳ، جي ڊي اي ۽ درياءَ سنڌ بچايو تحريڪ جو گڏيل اجلاس سيد صدرالدين شاھ راشدي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ سياسي، سماجي، ۽ مذهبي جماعتن جا اڳواڻ شريڪ ٿيا. اجلاس ۾ ذوالفقار جونيئر جي ڊي اي ۽ درياءَ سنڌ بچايو تحريڪ جي جدوجهد جي ڀرپور حمايت جو اعلان ڪندي چيو ت درياءَ سنڌ تي ٺهندڙ ڪينال سنڌ جي بقا جو مسئلو آهي، جنهن تي هر باشعور ماڻهو کي سجاڳ ٿيڻ جي ضرورت آهي،صدرالدين شاھ راشدي چيو ته هي منصوبو صرف آبادگارن لاءِ نه پر سڄي سنڌ لاءِ نقصانڪار آهي. اسان هر فورم تي ان منصوبي جي مخالفت ڪنداسين. قومي اسيمبلي ۾ قرارداد تي فارم 47 وارا به حمايت ڪندا. اسان ڏسنداسين ته ڪير سنڌ جي مستقبل سان گڏ بيهندو ۽ ڪير فرار ٿيندو، عمرڪوٽ جي ضمني چونڊ بابت سندس چوڻ هو ته 15 اپريل تي اسان سڀ عمرڪوٽ ۾ موجود هونداسين، سسٽم اسان کي بائيڪاٽ ڪرڻ تي مجبور ڪري رهيو آهي. اسان ملڪ جي اصل مالڪن کي ٻڌائڻ چاهيون ٿا ته سڀني لاءِ برابري جو ميدان فراهم ڪيو وڃي. فارم 47 بابت سوال تي سيد صدرالدين شاھ راشدي چيو ته هي بوجھ هاڻي حڪومت ٺاهيندڙن جي مٿان اچي چڪو آهي. بلوچستان ۾ اصل سردارن کي پٺتي ڌڪيو ويو آهي، جعلي سردارن کي اقتدار ڏنو ويو آهي. اصل حل اقتدار عوام ۽ اصل سردارن کي ڏيڻ ۾ آهي، ايم ڪيو ايم بابت سوال تي، سيد صدرالدين شاھ راشدي چيو ته جيڪي فارم 14 ڀريائون ۽ فارم 15 مليو، اهي هاڻ ساڳيو بيان ڏيندا، ان کان وڌيڪ ڪجهه نه چوندس.قومي اسيمبلي جي اڳوڻي اسپيڪر ڊاڪٽر فهميده مرزا چيو ت جي ڊي اي تڪراري ڪينالن جو مسئلو سڀ کان پهرين اٿاريو. هي ڪو فرد واحد جو ن پر اجتماعي مسئلو آهي. جيڪڏهن خدا نخواسته ڪينال ٺهيا ته ڪراچي ۽ حيدرآباد جو پيئڻ جو پاڻي به ختم ٿي ويندو. سنڌ جي هر فرد ۾ بيچيني آهي. نوجوان سراپا احتجاج آهن. آئين جي خلاف ورزي ٿي رهي آهي. جيستائين ڪينالن جو ڪم بند ن ٿيندو، احتجاج جاري رهندو.سيد زين شاھ چيو ته 19 اپريل تي حيدرآباد ۾ مارچ ۽ جلسي جو اعلان ڪجي ٿو. اسان جي تحريڪ پرامن آهي، پر مزاحمت ضرور ڪنداسين. سنڌ اسيمبلي جي قرارداد پيپلزپارٽي جي منافقت آهي. 8 جولاءِ جو فيصلو واپس ورتو وڃي، ٻي صورت ۾ تحريڪ جاري رهندي. 26 اپريل تي لاڙڪاڻو کان قمبر تائين مارچ ٿيندو.اسدالله ڀٽو چيو ته اسان جان ڏئي ب پاڻي جو مسئلو حل ڪرائينداسين. هي منصوبو عوام جي مفاد ۾ ناهي. زرداري ۽ پيپلزپارٽي سنڌ جي عوام کان معافي وٺن، ڊاڪٽر صفدر عباسي چيو ته عمرڪوٽ ۾ تاريخي چونڊ ٿي رهي آهي، شفاف چونڊ ۾ اسان جي اتحاديون ضرور ڪامياب ٿينديون.اسان خلاف سياسي انتقامي ڪارروائيون جاري آهن. جتي به جلسي جي اجازت وٺڻ وڃون ٿا، اسان کان پوءِ پيپلزپارٽي کي اجازت ملي وڃي ٿي. شروع کان ئي چونڊ ڌانڌلي ٿي رهي آهي.پي ٽي آئي سنڌ جي جنرل سيڪريٽري مسرور سيال چيو ت پيپلزپارٽي شروعات کان واهن جي اڏاوت جي نفي ڪري رهي هئي، پر هاڻي سندن اصلي چهرو ظاهر ٿي چڪو آهي. پي ٽي آءِ جي صدر مخالفت ڪئي، پر پيپلزپارٽي جي صدر منظوري ڏني، جنهن سان سنڌ جي عوام سان ظلم ٿيو. هاڻ پيپلزپارٽي قرارداد آڻي ۽ عدالتن ڏانهن رخ ڪري، فِيس سيونگ ڪري رهي آهي.جئي سنڌ محاذ جي چئرمين رياض چانڊيو چيو ته سنڌ جو هر ٻار درياءَ سنڌ جي حفاظت ڪندو. تڪراري واهن کي ڪنهن به صورت ۾ ٺهڻ ن ڏنو ويندو. ماضي جي جدوجهد سڀني اڳيان آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.