عرفان صديقي بيان ڏيڻ کان اڳ آئين پڙهي يا استعيفي ڏئي: شرجيل ميمڻ

ڪراچي( رپورٽر) سنڌ جي سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو آھي ته سينيٽر عرفان صديقي  پيپلز پارٽي جي بغض ۾ جيڪا ڳالھ ٻولھ ڪئي آھي اُھا مذمت جوڳي آھي. سينٽر عرفان صديقي لاعلم آھي يا بي علم آھي، کيس آئين پڙھڻ گھرجي. ڪراچي ۾ پريس ڪانفرنس کي خطاب ڪندي سنڌ جي سينئر وزير ۽ اطلاعات، ٽرانسپورٽ ۽ ماس ٽرانزٽ  واري صوبائي وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو تھ عرفان صديقي پنھنجي انٽرويو ۾ چيو تهپيپلز پارٽي ڪڏھن به ڪينالن جي مخالفت ناھي ڪئي. پوءِ ھُن صدر جو حوالو ڏنو.  پاڪستان پيپلز پارٽي  ٿل ڪينال  خلاف ٺهراءُ 2021 ۾  ٺھراءَ منظور ڪيو. 2022 ۾ گريٽر ٿل ڪينال فيز ٽو ۽ جلالپور ڪينال خلاف قرارداد منظور ڪرائي  ٺھراءَ  کي به جيڪڏھن سرڪار سطح تي احتجاج نه ٿو سمجھي ته پوءِ عرفان صديقي کي رٽائرمينٽ وٺڻ گھرجي.هن چيو ته ايپڪس ڪميٽي جي اجلاس ۾ غير قانوني مهاجرن جي سندن ملڪن ڏانهن واپسي جو جائزو ورتو ويو. غير قانوني مهاجرن بابت سڄي دنيا ۾ خاص قانون آهن. توهان ڪٿي به غير قانوني طور تي نٿا رهي سگهو. سينئر وزير شرجيل انعام ميمڻ چيو ته نومبر 2024 کان وٺي روڊ حادثن ۾ اوچتو اضافو ٿيو آهي، جنهن جي جاچ لاءِ سنڌ جي وڏي وزير پاران هڪ فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جوڙي وئي آهي. گذريل ٻن ٽن ڏينهن کان، ڪجهه سياسي پارٽين هن مسئلي تي سياست ڪرڻ جي ڪوشش شروع ڪئي آهي. اهي نفرت انگيز بيان ڏئي رهيا آهن ۽ غلط لهجو استعمال ڪري رهيا آهن. اهي ڀاءُ کي ڀاءُ سان ويڙھائڻ چاهين ٿا. جيڪي مئل سياست کي بحال ڪرڻ جي ڪوشش ڪري رهيا آهن انھن کي ٻڌائڻ چاھيان ٿو ته اهو دور گذري چڪو آهي ھاڻي توهان هن شهر کي يرغمال نٿا بڻائي سگهو، توهان بدمعاشي ذريعي ماڻهن جي ملڪيت کي نقصان نه ٿا پهچائي سگهو.هن چيو ته خيرپور ۾ قتل ٿيل صحافي اي ڊي شر جي قتل جا سبب صحافتي ذميواريون نه پر ذاتي آهن.هڪ سوال جي جواب ۾ هن چيو ته پريس ڪانفرنس ۾ وڳوڙن جي ڌمڪي ڏيندڙ هاڻي ماڻهن کي بچائڻ لاءِ ڇو نه ٿا اڇن؟ اهي ماڻهن کي تشدد لاءِ استعمال ڪن ٿا.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.