جڊيشل ڪميشن ۾ چئن رٽائرڊ ججن جي ميمبر طور مقرريءَ جي منظوري، نالا سامهون اچي ويا

اسلام آباد(ويب ڊيسڪ) جڊيشل ڪميشن چئن رٽائرڊ ججن کي جڊيشل ڪميشن جي ميمبر طور مقرري جي گڏيل طور منظوري ڏئي ڇڏي.
چيف جسٽس يحيٰ آفريدي جي صدارت هيٺ جڊيشل ڪميشن جو اجلاس اڍائي ڪلاڪن تائين جاري رهيو، اجلاس دوران سپريم ڪورٽ ۾ ٻه جج مقرر ڪرڻ لاءِ غور ويچار ڪيو ويو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اجلاس ۾ لاهور هاءِ ڪورٽ جي پنج سينيئر ججن جي نالن تي غور ڪيو ويو، جڏهن ته لاهور هاءِ ڪورٽ جي رڳو هڪ جج جي نالي تي اڪثريتي ووٽ ذريعي فيصلو ٿيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته قائم مقام چيف جسٽس جي جاءِ تي جڊيشل ڪميشن جي نون ميمبرن جو مقرريءَ جو فيصلو ڪيو ويو .
ذريعن موجب، اجلاس ۾ چئن رٽائرڊ ججن کي جڊيشل ڪميشن جي ميمبر طور مقرريءَ جي گڏيل طور منظوري ڏني وئي.
ذريعن جو چوڻ آهي ته سنڌ هاءِ ڪورٽ جي جسٽس رٽائرڊ مقبول باقر ۽ اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي جسٽس رٽائرڊ شوڪت صديقيءَ کي جڊيشل ڪميشن جو رڪن مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.
ذريعن موجب، پشاور هاءِ ڪورٽ جي جسٽس رٽائرڊ شاڪر الله جان ۽ بلوچستان هاءِ ڪورٽ جي جسٽس رٽائرڊ نذير لانگو کي به جڊيشل ڪميشن جو ميمبر مقرر ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.