بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين آمريڪي شيون درآمد ڪرڻ تي لاڳو ٽيرف وڌائڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو، جنهن سبب ٻنهي ملڪن ۾ جاري واپاري ڇڪتاڻ ۾ وڌيڪ شدت اختيار ڪري ويو آهي.
وائيٽ هائوس موجب، آمريڪا طرفان چيني شين تي اضافي ٽيڪس جي شرح 145 سيڪڙو تائين پهچي وئي آهي، جنهن جي جواب ۾ چين آمريڪي شين تي ٽيرف وڌائي 125 سيڪڙو ڪري ڇڏي آهي.
چين جي تازن قدمن کانپوءِ يورپي اسٽاڪ مارڪيٽن ۾شديد لاها چاڙها ڏٺا ويا، جڏهن ته ٽوڪيو ۽ سيئول جون مارڪيٽون منفي زون ۾ بند ٿيون.
آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ جي اقتصادي پاليسين عالمي مارڪيٽن ۾ بيچيني پکيڙي ڇڏي آهي، يورو جي ڀيٽ ۾ ڊالر جي مُلهه ۾ ٽن سالن جي گهٽ ترين سطح تي اچي ويو آهي.
چيني اسٽيٽ ڪائونسل جي ٽيرف ڪميشن موجب، نوان واڌو ٽيڪس ڇنڇر کان لاڳو هوندا، جيڪي لڳ ڀڳ آمريڪي ٽيرف جي برابر آهن.
چيني واپار واري وزارت جي ترجمان ٽرمپ جي پاليسين کي ” کِل جوڳو“ قرار ڏيندي چيو آهي ته موجوده صورتحال جو ذميوار رڳو آمريڪا آهي.
چين جي ناڻي واري وزير چيو آهي ته ٽيرف وڌيڪ اضافو نه ڪيو ويندو، ڇو ته آمريڪي شين لاءِ هاڻي مارڪيٽ ۾ ڪا به گنجائش نه بچي آهي.
چين واضح ڪيو آهي ته هو آمريڪي ٽيرف واري معاملي تي قانون رستو اختيار ڪندي عالمي واپاري تنظيم ورلڊ ٽريڊ آرگنائيزشن ( ڊبليو ٽي او ) سان رابطو ڪندي.
You might also like