يو اي اي جي پنج سالا سياحتي ويزا پاڪستانين لاءِ به دستياب، شرط ڪهڙا آهن؟

دبئي(ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن طرفان پنج سالا ملٽي پل انٽري سياحتي ويزا هاڻي پاڪستاني شهرن لاءِ به دستياب آهي.
گڏيل عرب امارتن پنج سالا ملٽي پل سياحتي ويزا ڪجهه سال اڳ متعارف ڪرائي هئي، جيڪا هاڻي پاڪستانين سميت سمورن ملڪن جي شهرن لاءِ دستياب آهي.
گڏيل عرب امارتن جي اميگريشن اختيارين موجب، ويزا اهڙن ماڻهن لاءِ خاص طور فائديمند آهي جن کي ماضيءَ ۾ ويزا مسئلن جو منهن ڏسڻو پيو هو.
اختيارين جو چوڻ آهي ته اِها ويزا پنج سالن لاءِ ڪارائتي آهي ۽ درخواستگذار کي بنا ڪنهن گارنٽريا ميزبان جي گڏيل عرب امارتن ۾ بار بار داخلا جي اجازت ڏئي ٿي.
اختيارين طرفان پنج سالا ويزا بابت ٻڌايو ويو آهي ته سياح کي هر دوري تي 90 ڏينهن تائين ترسڻ جي اجازت هوندي جنهن ۾ وڌيڪ 90 ڏينهن تائين وڌا ڪري سگهجي ٿي، پر هڪ سال دوران مجموعي طور قيام 180 ڏينهن کان وڌيڪ نه هوندو.
يو اي اي اميگريشن اختيارين موجب، ويزا لاءِ ڪجهه دستاويز گهربل هوندا، جن ۾ گهٽ ۾ گهٽ ڇهن مهينن لاءِ ڪارائتو پاسپورٽ، تازي رنگين تصوير، ريٽرن ٽڪيٽ، ترسڻ جو ثبوت( هوٽل بُڪنگ يا راهائشي پتو)، بئنڪ اسٽيٽمينٽ جنهن ۾ گذريل ڇهن مهينن ۾ گهٽ ۾ گهٽ چار هزار آمريڪي ڊالر يا ان جي برابر رقم هئڻ ۽ گڏيل عرب امارتن ۾ قابل قبول جوڳو هليٿ انشورنس هئڻ لازمي آهي.
اختيارين جو چوڻ آهي ته درخواست وارو عمل سولو آهي ۽ درخواست جمع ڪرائڻ جي 48 ڪلاڪن اندر منظوري جو امڪان آهي جڏهن ته ويزا لاءِ درخواستون آن لائين يا منظور ٿيل ويزا سينٽرز ذريعي جمع ڪرائي سگهجن ٿيون.
اختيارين موجب، اِها ويزا سمورن ملڪن خاص طور پاڪستانين لاءِ به دستياب آهي ۽ اهڙن پاڪستانين لاءِ خاص طور تي بهترين آپشن آهي جيڪي ڪٽنب سان ملاقات، ڪاروباري موقعن جي ڳولا يا ڊگهين موڪلن لاءِ گڏيل عرب امارتن اچڻ جا خواهشمند آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.