پاڪستان ۾ وڏا معدني ذخيرا آهن، آمريڪي سيڙپڪارن کي لاڀ حاصل ڪرڻ گهرجي: وزيراعظم

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف سان ايئرڪ ميئر جي قيادت ۾ آمريڪي وفد ملاقات ڪئي جنهن ۾ وزيراعظم ٻه طرفن لاڳاپن جي مضبوطي لاءِ آمريڪي انتظاميا سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪيو .
پاڪستان منرلز انويسٽمينٽ فورم ۾ شرڪت لاءِ پاڪستان جي دوري تي آيل آمريڪي وفد ايئرڪ ميئر جي قيادت ۾ وزيراعظم شهباز شريف سان ملاقات ڪئي.
ان موقعي تي وزيراعظم شهباز شريف جو چوڻ هو ته پاڪستان ۾ وڏي انگ ۾ معدني ذخيرا موجود آهن، آمريڪي ڪمپنين کي ان ترجيحي شعبي ۾ سيڙپڪاري جي موقعي مان لاڀ حاصل ڪرڻ گهرجي.
آمريڪي وفد پاڪستان منرل انويسٽمينٽ فورم جي ڪامياب انعقاد تي پاڪستان کي واڌايون ڏيندي ملڪ جي معدني شعبي جي وسيع صلاحيت جو اعتراف ڪيو آهي.
ايئرڪ ميئر وزيراعظم کي آمريڪي ڪمپنين جي سيڙپڪاري ۾ دلچسپي بابت آگاهي ڏني ۽ پاڪستان سان گڏجي ڪم ڪرڻ جي خواهش جو اظهار ڪندي چيو ته آمريڪا پاڪستان سان ٻه طرفن لاڳاپن کي وڌيڪ مضبوط ڪرڻ جو خواهشمند آهي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.