ٽرمپ پاران وڌيڪ ٽيرف جي ڌمڪي، هي “ بليڪ ميلنگ ۽ غنڊا گردي “ آهي: چين

بيجنگ (ويب ڊيسڪ) چين، آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ پاران 50 سيڪڙو واڌو ٽيڪس لاڳو ڪرڻ واري ڌمڪي تي سخت ردعمل ڏيندي خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن آمريڪا پنهنجي ضد تي قائم رهيو ته چين به پنهنجي حقن ۽ مفادن جي تحفظ لاءِ پرعزم طريقي سان جوابي قدم کڻندو ۽ آخري حد تائين وڙهندو.
چيني پرڏيهي وزارت جي ترجمان ٽرمپ جي ڌمڪين ”بليڪ ميلنگ“ ۽ ”غنڊا گردي“ قرار ڏيندي چيو ته ڳالهين ذريعي واپاري تڪرارن جو حل ممڪن آهي، ڇو ته تجارتي جنگ ۾ ڪا به ڌر فاتح ناهي هوندي.
ترجمان جو چوڻ هو ته آمريڪا ترت پنهنجون غلطيون سڌاري ۽ چين خلاف هڪ طرفي ٽرف وارو فيصلو رد ڪري.
واضح رهي ته ٽرمپ گذريل هفتي وڏي پئماني تي اضافي ٽيڪس لاڳو ڪيا هئا، جنهن سبب چين به 10 اپريل کان 34 سيڪڙو جوابي ٽيرف لڳائڻ جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته ٽرمپ ڌمڪي ڏني آهي ته جيڪڏهن چين مزاحمت جاري رکي ته وڌيڪ ٽيڪس لاڳو ڪري ٽيرف مجموعي طور 104 سيڪڙو تائين پهچايو ويندو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.