پشاور (ويب ڊيسڪ) پاڪستان تحريڪِ انصاف ( پي ٽي آءِ ) جي چيئرمين بئريسٽر گوهر پارٽي اڳواڻن کي ٺاهه لاءِ راضي ڪري ورتو.
ذريعن موجب، بئريسٽر گوهر جي خيبرپختونخوا جي وڏي وزير علي امين گنڊاپور، اسد قيصر، عاطف خان ۽ شهرام ترڪئي سان ڳالهه ٻولهه ٿي جنهن دوران علي امين گنڊاپور بين اڳواڻن سان اختلاف ختم ڪرڻ تي راضپو ظاهر ڪيو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته اسد قيصر، عاطف خان ۽ شهرام ترڪئي به اختلاف ختم ڪرڻ تي راضي ٿي ويا آهن.
پي ٽي آءِ چيئرمين بئريسٽر گوهر نجي ٽي وي چئنل سان ڳالهائيندي چيو ته اندروني اختلاف ختم ڪرڻ جي ڪوشش ڪئي، علي امين گنڊاپور معاملا حل ڪرڻ لاءِ راضي آهي.
Next Post
You might also like