حج سيزن: سعودي سرڪار وارننگ جاري ڪري ڇڏي

رياض (ويب ڊيسڪ) سعودي حڪومت حج يا عمري لاءِ مقرر وقت کان وڌيڪ ترسڻ وارن حاجين يا معتمرن جي اطلاع نه ڏيندڙ ڪمپنين ۽ ادارن تي ڳرو ڏنڊ لاڳو ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
سعودي گهرو وزارت حج ۽ عمري جون خدمتون مهيا ڪندڙ ڪمپنين ۽ ادارن کي خبردار ڪندي چيو آهي ته جيڪڏهن ڪو به حاجي يا معتمر ملڪ اندر پنهنجي رهائش جي اجازت کان وڌيڪ وقت لاءِ ترسي ته ان بابت ترت لاڳاپيل اختيارين کي اطلاع ڏنو وڃي، ٻي صورت ۾ سروس فراهم ڪندڙ ادارن تي ڏنڊ لاڳو ڪيو ويندو.
فيصلي موجب، مقرر مدي جي پڄاڻي کانپوءِ ڪنهن حاجي يا معتمر جي روانگي جي اطلاع نه ڏيندڙ حج ۽ عمري جي سروس مهيا ڪندڙ ڪمپنين ۽ ادارن کي 26 هزار 600 ڊالر يا هڪ لک سعودي ريال ڏنڊ ادا ڪرڻو پوندو.
سعودي گهرو وزارت خبردار ڪيو آهي ته جيڪڏهن روانگي جي تاريخ جي ڀڃڪڙي ڪندڙ حاجين ۽ معتمرين جو انگ وڌي ويو ته ڏنڊ ۾ وڌيڪ اضافو ڪيو ويندو.
واضح رهي ته اِهو وارننگ موجوده حج سيزن دوران سامهون آئي آهي.
ٻئي پاسي سعودي اختيارين زائرين جي تحفظ ۽ نظم ۽ ضبط کي يقيني بڻائڻ لاءِ مقرر اصولن جي سختي سان پابندي جو مطالبو ڪيو آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.