جڳ مشهور سرچ انجڻ گوگل هڪ نئون ۽ دنگ ڪري ڇڏيندڙ فيچر متعارف ڪرايو آهي، جيڪو سرچ تجربي کي مڪمل طور تي بدلائي سگهي ٿو.
گوگل پنهنجي سرچ انجڻ جي تجربي واري ”اي آءِ موڊ“ ۾ هڪ اهڙو نئون فيچر شامل ڪيو آهي، جيڪو جديد آرٽيفيشل انٽيليجنس ماڊل جيمنائي جي ڏسڻ واري صلاحيت سان ليس آهي.
واضح رهي ته گوگل سرچ جو اي آءِ موڊ پچيده/ڏکين موضوعن کي سولي نموني سمجهائن جي صلاحيت رکي ٿو، مختلف آپشنز جي ڀيٽ ڪري سگهي ٿو ۽ وڌيڪ شين بابت مشورا به ڏئي سگهي ٿو.
هاڻي واهپيدار اي آءِ موڊ کان رڳو لکي نه پر تصويرن ذريعي به پيچيده سوالن جا تفصيلي جواب حاصل ڪري سگهندا.
مثال طور جيڪڏهن توهان کي رڌڻي ۾ ڪائي اڻڄاتل شيءِ نظر اچي ته ان جي تصوير ڪڍي پڇي سگهو ٿا ته اِها ڇا آهي ۽ ڪيئن ڪم ڪري ٿي؟
جنهن تي توهان کي مددگار جواب ملندا، جڏهن ته سوال سان لاڳاپيل يوٽيوب وڊيوز به ڏسي سگهندئو.
اي آءِ موڊ ٽيڪنالاجي تصوير ۾ موجود هر شيءِ جي نشاندهي ڪرڻ سان گڏوگڏ ان جي مقصد، هڪٻئي سان تعلق ۽ استعمال جي طريقيڪار بابت پڻ تفصيلي ڄاڻ ڏيندي.
تصوير ذريعي سوال ڪرڻ تي اسڪرين تي لاڳاپيل سوالن جي مڪمل فهرست نظر ايندي جيڪا تصوير جي هڙني شين بابت هوندي.
مثال طور جيڪڏهن اوهان ڊرائنگ روم جي تصوير ڪڍي ان جي نئين سر جوڙجڪ بابت سوال ڪندا ته اي آءِ هڪ جواب نه پر ڪيئي متبادل ۽ تخليقي تجويزون پيش ڪندو.
اهڙي قسم جو فيچر چيٽ جي پي ٽي به موجود آهي پر گوگل کي ڏهاڪن جي سرچ ڊيٽا، تصوير اينڊيڪس ۽ ٻي ڊيٽا اسٽوريج سبب سرسي حاصل آهي.
واضح رهي ته گوگل جو ڄاڻايل اي آءِ موڊ في الحال رڳو آمريڪي واهپيدارن لاءِ موجود آهي، جنهن کي ايندڙ مهينن دوران دنيا جي مختلف مُلڪن جي متعارف ڪرايو ويندو.
Prev Post
You might also like