سکر ڀرسان ڪارنهن الزام هيٺ نوجوان ۽ ناري قتل

سکر(شفيع محمد ابڙو)  تماچاڻي ٿاڻي جي حد گوسڙجي ڀرسان صبحان ڪالوني ۾ جوابدارن ڪارنهن الزام مڙهي 17 سالن جينوجوان راشد شر ۽ 18 سالن جي ناري وزيران شر کي قتل ڪري ڇڏيو، جڏهن ته فائرنگ دوران 40 سالن جو محمد آصف پڻ زخمي ٿي پيو آهي. واقعي جي اطلاع تي پوليس پهچي لاش پوسٽ مارٽم لاءِ اسپتال پهچايا جتان پوسٽ مارٽم بعد لاش وارثن حوالي ڪيا ويا، ان ڏس ۾ پوليس جو چوڻ هو ته واقعي جو ڪيس داخل ناهي ڪيو ويو، وارث ڪيس داخل ڪرڻ کان لنوائي رهيا آهن ۽ وارثن جي اچڻ بعد ئي واقعي جو ڪيس داخل ڪيو ويندو

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.