درياءُ جي تحفظ لاءِ سنڌو بچايو ڪميٽي جو اجلاس سڀاڻي طلب

ڄام شورو(پ ر) سنڌ يونائيٽڊ پارٽي جي صدر سيد زين شاهه سنڌو درياءُ جي تحفظ ۽ ڪينالن جي خلاف هلندڙ جدوجهد ۾ شامل سڀني هم خيال جماعتن جو اهم مشاورتي اجلاس اربع  9 اپريل تي طلب ڪري ورتو آهي. اجلاس  جي ايم سيد  ايڊيفيسي ڄام شوري ۾ ٿيندو.  اجلاس ۾ ايندڙ احتجاج لاءِ منصوبابندي تي غور ڪيو ويندو. اجلاس ۾ تحريڪ انصاف، جي ڊي اي، جسقم (بشير)، جسقم، جسقم (آريسر)، جماعت اسلامي، ايس ٽي پي، فنڪشنل ليگ، پورهيت مزاحمت تحريڪ، عوامي تحريڪ، قومي عوامي تحريڪ، اي جي پي، پيپلز پارٽي شهيد ڀٽو، شاگرد تحريڪ، شيعه علماءُ ڪائونسل، مجلس وحدت المسلمين، جيئي سنڌ محاذ (رياض چانڊيو)، نيشنل پيپلز پارٽي، جيئي سنڌ قومي پارٽي، سنڌ هاري ڪميٽي، سنڌي ادبي سنگت، سنڌ عوامي سٿ، سنڌ صحافي اتحاد، نيشنل پارٽي، وڪيل ۽ آبادگار تنظيمن جا مرڪزي اڳواڻ اجلاس ۾ شريڪ ٿيندا۔

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.