روهڙي ۾ اي اين ايف جي ڪارروائي، وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ منشيات هٿ

ڪراچي(رپورٽر)ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ روهڙي سرڪل حساس اداري جي سهڪار ۽ ڳجهي اطلاع تي منشيات وڪرو ڪندڙن جي خلاف ڏهن ڏينهن ۾ ٻيو وڏو آپريشن ڪري هڪ ٽرڪ مان وڏي مقدار ۾ هٿيار ۽ منشيات هٿ ڪري ورتي، تفصيل مطابق اي ٽي اوز قمرالدين سيال ۽ عامر خان ڪلهوڙي جي اڳواڻي ۾ ٽيم ڳجهي اطلاع تي ڪارروائي ڪندي نيشنل هاءِ وي روهڙي چيڪ پوسٽ تي پشاور کان ايندڙ هڪ ٽرڪ کي روڪيو، جيڪا بظاهر خالي هئي، پر ايڪسائيز اينڊ نارڪوٽڪس ڪنٽرول ونگ جي اهلڪارن ڳجهي نموني ٽرڪ ۾ لڪايل 5 ڪلو 8 ڪلو 80 هزار 800 رپيا روڪ رقم هٿ ڪري ورتي. گرفتار جوابدار شاهد خان وٽان هڪ ٽي ٽي پستول، 2 ميگزين ۽ هزارين گوليون هٿ ڪيون ويون آهن. ۽ محمد حسين خان کي گرفتار ڪيو ويو. گرفتار جوابدارن جي شروعاتي جاچ موجب هٿيار ۽ منشيات پشاور کان سکر اسمگل ڪئي پئي وڃي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.