رياست مخالف پروپيگنڊا تي گلوڪار سلمان احمد خلاف ڪيس داخل

اسلام آباد( م ڊ)گلوڪار سلمان احمد خلاف پيڪا ايڪٽ تحت ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس موجب سلمان احمد خلاف ادارن ۽ رياست خلاف پروپئگنڊا ڪرڻ تي ڪيس داخل ڪيو ويو آهي، پوليس ٿاڻي ڊفينس اي ۾ ڪيس داخل ڪيو ويو، ايف آءِ آر جي متن ۾ چيو ويو آهي ته سلمان احمد قومي ادارن خلاف سوشل ميڊيا تي غلط پروپيگنڊا ڪئي ۽ سوشل ميڊيا تي نفرت آميز پوسٽون وائرل ڪيون، ايف آءِ آر ۾ چيو ويو آهي ته سلمان احمد جي پوسٽ ڊيوٽي پوليس اهلڪار پاڻ ڏسي رهيو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.