چمبڙ (رپورٽ: ثوبيا کوسو) چمبڙ ۾ ڪميونسٽ پارٽي آف پاڪستان ۽ سنڌ هاري ڪميٽي طرفان ڪارپوريٽ فارمنگ ۽ دريائن مان نوان ڪئنال ڪڍڻ خلاف سيڪريٽري جنرل امداد قاضي، ارباب رستماڻي، گلاب ڀيل، ڪلثوم جمال ۽ انيلا قادري جي اڳواڻي ۾ احتجاجي ريلي شڪور ميمڻ فارم کان چمبڙ جي مين چوڪ تائين ڪڍي وئي، جنهن ۾ سوين عورتن ۽ ٻارن شرڪت ڪئي، مين چوڪ تي ريلي جلسي جي شڪل اختيار ڪري وئي، ريلي کي ڪامريڊ امداد قاضي خطاب ڪندي چيو ته ڪارپوريٽ فارمنگ پوري ملڪ تي سرمائيدار ڪمپنين جي قبضي جي سازش آهي، انهن زمينن کي آباد ڪرڻ لاءِ نوان ڪئنال ڪڍيا پيا وڃن، دريائن ۾ پاڻي ڪونهي، خريف جي فصل لاءِ حڪومت چوي پئي ته پاڻي ڪونهي فصل نه پوکيو ته پوءِ هنن ڪئنالن لاءِ پاڻي ڪٿان ايندو، پنجاب ۽ سنڌ جي بهترين زرخيز زمينن کي پاڻي کان محروم ڪري غير آباد ڪري نيون زمينون آباد ڪيون پيون وڃن، سنڌ کي ته پيئڻ جو پاڻي به نه ملندو. ان لاءِ هن جدوجهد کي وڌيڪ تيز ڪيو وڃي، ڪامريڊ ڪلثوم چيو ته هڪ طرف ملڪ کي برباد ڪيو پيو وڃي، وري ويتر صوبن جي عوام کي پاڻ ۾ ويڙهايو پيو وڃي، ڪامريد ارباب رستماڻي چيو ته درياهه اسانجي زندگي ۽ موت جو مسئلو آهي اسين نوان ڪئنال ٺهڻ نه ڏينداسين، ڪامريڊ انيلا قادري چيو ته بلوچستان ۽ پختونخوا ۾ جنگ پئي هلي پوءِ به پاڪستان جي اشرافيه هي منصوبا شروع ڪري سنڌ ۽ پنجاب کي به جنگ جو ميدان بنائڻ چاهي ٿي، انهن کان سواءِ ثوبيا کوسو، گلاب ڀيل، ڪنول رستماڻي ۽ فرحانه سولنگي پڻ ريلي کي خطاب ڪيو، ريلي ۾ دريائن مان نوان ڪئنال نامنظور، ڪارپوريٽ فارمنگ نامنظور، زمينن ۽ دريائن تي قبضو نامنظور جا نعرا هنيا ويا، مطالبو ڪيو ويو ته ڪارپوريٽ فارمنگ واريون سڀ زمينون پوري ملڪ ۾ بي زمين مقامي هارين کي ڏنيون وڃن.