خيبرپختونخوا: موڪل تي آيل ايف سي اهلڪار گهر مان اغوا

پشاور (ويب ڊيسڪ) خيبرپختونخوا جي ضلعي ٽانڪ ۾ موڪل تي آيل ايف سي اهلڪار پنهنجي گهران اغوا ٿي ويو.
ميڊيا رپورٽن موجب، اڻڄاتل هٿياربند ايف سي اهلڪار کي گهران اغوا ڪري ويا.
پوليس جو چوڻ آهي ته نائيڪ جهانزيب نالي ايف سي اهلڪار کي عمر خيل ڳوٺ مان اغوا ڪيو ويو.
پوليس موجب، اغوا ٿيل اهلڪار موڪل تي پنهنجي گهر آيل هو، جڏهن ته سندس بازيابيءَ لاءِ مقامي ماڻهن جي مدد سان علائقي ۾ سرچ آپريشن جاري آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.