لاهور (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف جاتي امرا ۾ مسلم ليگ (ن) جي قائد نواز شريف سان ملاقات ڪئي، جتي ملڪ جي موجوده صورتحال ۽ اهم معاملن تي ڳالهيون ڪيون ويون.
ملاقات دوران ٻنهي اڳواڻن سياسي ۽ قومي اهميت جي معاملن تي خيالن جي ڏي وٺ ڪئي، جڏهن ته وزيراعظم شهباز شريف نواز شريف کي ملڪ جي سياسي، معاشي ۽ خاص طور تي بلوچستان جي صورتحال بابت آگاهه ڪيو.
وزيراعظم شهباز شريف ملاقات دوران بلوچستان جي وڏي وزير سان ٿيل تفصيلي ڳالهه ٻولهه بابت به بريفنگ ڏني.
ان موقعي تي نواز شريف هدايت ڪئي ته بلوچستان ۾ هر حال ۾ امن قائم ڪيو وڃي، جڏهن ته پنجاب کي ”وڏو ڀاء“ قرار ڏيندي زور ڏنو ته بلوچستان جي عوام جي ڀرپور مدد ڪئي وڃي ۽ کين وڌ کان وڌ رليف فراهم ڪيو وڃي.
You might also like