” صدر جي صحتيابي لاءِ دعا ڪيو“ وزيراعظم جي قوم کي اپيل

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) وزيراعظم شهباز شريف صدر آصف علي زرداري جي صحتيابي لاءِ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو آهي.
وزيراعظم، صدر جي صحت بابت ڳڻتي جو اظهار ڪيو ۽ سندس جلد صحتيابي جي دعا ڪئي.
هن چيو ته صدر آصف علي زرداري جي جلد صحتيابي لاءِ قوم دعا ڪري.
ان کانسواءِ شهباز شريف صدر کي بهترين طبي سهولتون ڏيڻ جي هدايت ڪئي.
واضح رهي ته صدر جي ذاتي معالج ڊاڪٽر عاصم حسين جو چوڻ آهي ته صدر آصف علي زرداري جي ڪورونا ٽيسٽ هاڪاري آئي آهي ۽ کيس آئيسوليشن ۾ رکيو ويو آهي.
سندس چوڻ هو ته آصف علي زرداري انفيڪشنز ڊيزيز جي ماهرن جي نگراني هيٺ آهي ۽ ساڻس ملاقات تي مڪمل پابندي آهي.
ڊاڪٽر عاصم حسين جو چوڻ هو ته صدر جو طبي معائنو ڪيو ويو آهي ۽ مڪمل نگراني ڪئي پئي وڃي.
ان کان اڳ سنڌ جي سينيئر وزير شرجيل انعام ميمڻ جو چوڻ هو ته صدر آصف علي زرداريءَ جي طبيعت ۾ بهتري اچي رهي آهي.
شرجيل ميمڻ موجب، صدر زرداري کي دبئي منتقل ڪرڻ بابت خبرون غلط آهن، هو جلد مڪمل طور صحتياب ٿي ويندو.
گورنر سنڌ ڪامران ٽيسوري به صدر زرداري جي معالج ڊاڪٽر عاصم سان ٽيليفون تي رابطو ڪري سندس طبيعت بابت ڄاڻ ورتي ۽ نيڪ خواهشن جو اظهار ڪيو.
ياد رهي ته گذريل ڏينهن آصف زرداري کي نوابشاهه کان ڪراچي جي نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو هو، جتي سندس طبي معائنو ڪيو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.