مهاتما گانڌيءَ جي پر پوٽي نيلم بين پاريک ديهانت ڪري وئي

نوساري (ويب ڊيسڪ) ڀارت جي باني مهاتما گانڌي جي پڙ پوٽي نيلم بين پاريک ديهانت ڪري وئي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽس موجب، ڀارتي رياست گجرات جي شهر نوساري ۾ گذريل ڏينهن مهاتما گانڌي جي پڙپوٽي نيلم بين پاريک 93 ورهين جي عمر ۾ لاڏاڻو ڪري وئي.
نيلم بين پاريک مهاتما گانڌي جي پٽ هري داس گانڌيءَ جي پوٽي هئي ۽ پنهنجي پٽ ڊاڪٽر سمير پاريک سان نوساري ضلعي ۾ رهندي هئي.
نيلم بين جون آخري رسمون 3 اپريل صبح 8 وڳي سندس رهائش گاهه تي ادا ڪيون ويون.
واضح رهي ته نيلم بين گانڌي جي نظرئي جي پرچارڪ هئي، هن پنهنجي حياتي سچائي ۽ انساني ڀلائي لاءِ ارپي ڇڏي هئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.