ميانمار زلزلو: فوتين جو انگ 2886 ٿي ويو، 4639 زخمي، 373 شهري لاپتا

ميانمار 28 مارچ تي ست ڏهائي ست جي شدت سان آيل زلزلي کي ڇهه ڏينهن گذري چڪا آهن، پر ان جي تباهڪارين جا مڪمل تفصيل اڃا تائين سامهون نه آيا آهن.
ميانمار جي فوجي حڪومت موجب، زلزلي سبب ٿيل فوتگين جو انگ ٻه هزار 886 تائين پهچي چڪو آهي، 4 هزار 639 ڄڻا زخمي آهن، جڏهن ته 373 شهري اڃا تائين لاپتا آهن.
ڪيئي علائقن ۾ هينئر به امدادي ڪارروائيون جاري آهن ۽ ڪيترن ئي ماڻهن کي اميد آهي ته سندن پيارا هاڻي به ملبي مان زنده نڪري ايندا.
زلزلي کانپوءِ ميانمار ۾ گهرو ويڙهه وڙهندڙ باغي گروپن هڪ طرفي طور جنگ بندي جو اعلان ڪيو آهي، جڏهن ته فوجي حڪومت جو چوڻ آهي ته هو باغين خلاف پنهنجي ڪارروائي نه روڪيندي.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، اڱاري جي رات ميانمار جي فوج زلزلي سبب متاثر علائقن ۾ مدد لاءِ ويندڙ هڪ چيني قافلي تي فائرنگ ڪئي. فوجي حڪومت جو چوڻ آهي ته ان واقعي ۾ ڪنهن جي زخمي يا فوت ٿيڻ جا اطلاع نه آهن ۽ ان واقعي جي جاچ جاري آهي.
واضح رهي ته ميانمار ۾ 2021ع کان فوجي حڪومت قائم آهي، جنهن سبب معلومات تائين پهچ انتهائي محدود آهي.
مقامي ريڊيو، ٽي وي چئنلز، پرنٽ ۽ آن لائن ميڊيا تي رياست جو ڪنٽرول آهي، جڏهن ته انٽرنيٽ جي استعمال تي پابنديون مڙهيل آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.