گمبٽ: هاءِ وي تي مسافر ڪوچ ۽ ڪار ۾ ٽڪر، پيءُ ٻن نياڻين سميت اجل جو شڪار

گمبٽ (ويب ڊيسڪ) گمبٽ ويجهو ڪار ۽ مسافر ڪوچ ۾ ٽڪر جي نتيجي ۾ پيءُ ٻن نياڻين سميت حياتي وڃائي ويٺو، جڏهن ته چار ڄڻا زخمي ٿي پيا آهن.
ايس ايڇ او گمبٽ رفيق سومرو ميڊيا سان ڳالهائيندي حادثي ۾ فوتين جي تصديق ڪئي، هن ٻڌايو ته لاش ۽ زخمين کي گِمز منتقل ڪيو ويو آهي.
رفيق سومرو جو چوڻ هو ته حادثي جو شڪار ٿيندڙ ٽئي ڄڻا ٽويوٽا ڪار ۾ ڪراچي وڃي رهيا هئا جڏهن ته ڪوچ خيرپور اچي رهي هئي.
هن شڪ ظاهر ڪيو ته ڊرائيور يا اسٽيئرنگ وهيل جو ڪنٽرول وڃائي ويٺو يا گاڏي هلائيندي سُمهي پيو هو جنهن سبب ڪار مخالف روڊ تي ڪوچ سان ٽڪرائجي وئي، اِهو واضح ناهي ٿي سگهيو ته گاڏي ڪير هلائي رهيو هو.
ايس ايڇ او موجب، فوتين جي سڃاڻپ خيبرپختونخوا جي علائقي وزيرستان جي رهواسي نياز محمد ۽ سندس ٻن نياڻين طور ٿي آهي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.