فيسبڪ ۾ وڏي تبديلي جو اعلان

ميٽا گذريل ڪجهه سالن دوران فيسبڪ جي مين فيڊ کي اهڙي جاءِ بڻائڻ جي ڪوشش ڪئي آهي، جتي اهڙو مواد ڏيکاريو ويندو آهي، جيڪو واهپيدار جي فالو نه ڪيل صفحن، گروپن ۽ اڪائونٽن مان ايندو آهي.
ڪمپني جو چوڻ آهي ته اها تبديلي ٽڪ ٽاڪ سان مقابلي لاءِ ضروري آهي، پر واهپيدارن ان تي سخت تنقيد ڪئي آهي، ڇاڪاڻ ته هو پنهنجي ڄاتل سڃاتل ماڻهن جون پوسٽون ڏسي نه سگهندا هئا.
ان ئي سبب ميٽا فيس بڪ ايپ ۾ فرينڊز سيڪشن کي ٻيهر ڊزائين ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي.
فرينڊز سيڪشن ۾ هاڻي رڳو انهن دوستن جو مواد نظر ايندو، جيڪي فيسبڪ تي واهپيدار جي دوستن واري لسٽ ۾ شامل هوندا.
هن تبديلي سان پراڻا فيس بڪ فيچرز ٻيهر متعارف ڪرايا پيا وڃن.
فرينڊز ٽيب ۾ فيڊ ۽ اسٽوري پوسٽون، ريلز، سالگرهون، دوستن جون درخواستون ۽ نوان واقف ڪار پڻ ڏيکاريا ويندا.
ميٽا جو مقصد آهي ته فيس بڪ کي وڌيڪ سوشل نيٽ ورڪ بڻايو وڃي، جيئن اڳي هوندو هو.
ياد رهي ته 2022 ۾ مارڪ زڪربرگ فرينڊز فيڊ متعارف ڪرائي هئي، پر اها ايپ جي ٻين فيچرن ۾ لڪي وئي.
اڃا تائين واضح ناهي ته ميٽا فيسبڪ جا ڪهڙا پراڻا فيچرز ٻيهر آڻڻ جو ارادو رکي ٿو، پر مارڪ زڪربرگ هڪ پوڊ ڪاسٽ ۾ چيو هو ته اسان اهڙين شين بابت سوچي رهيا آهيون، جيڪي ماضي ۾ فيسبڪ واهپيدارن لاءِ دلچسپ هيون، پر هاڻي انٽرنيٽ تي موجود نه آهن.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.