ڪراچي (ويب ڊيسڪ) ملڪ ۾ سون جي اگهه جا نوان رڪارڊ ٺاهڻ جو سلسلو جاري آهي.
آل پاڪستان جيمز اينڊ جيولرز ايسوسيئيشن موجب، في تولو سون 2 هزار 380 رپيا واڌ کانپوءِ 3 لک 23 هزار 380 رپين جي جي بلند ترين سطح تي پهچي ويو.
ايسوسيئيشن موجب، ڏهه گرام سون 2 هزار 41 رپيا مهانگو ٿيڻ کانپوءِ 2 لک 77 هزار 246 رپين ۾ وڪرو ٿي رهيو آهي.
ٻئي پاسي عالمي مارڪيٽ ۾ به في اونس سون 22 ڊالر اضافي سان 3 هزار 74 ڊالرز جو ٿي ويو آهي.
واضح رهي ته مارچ ۾ في تولي سون مجموعي طور تي 22 هزار 880 رپيا ۽ هلندڙ سال جي شروعاتي ٽن مهينن دوران 50 هزار 780 رپيا مهانگو ٿيو آهي.
Next Post
You might also like