اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت آءِ ايم ايف کان منظوري ملڻ کانپوءِ بجلي جي اگهن ۾ لاٿ لاءِ درخواست نيپرا ۾ جمع ڪرائي ڇڏي.
وفاقي حڪومت بجلي 1 رپيو 71 پئسا في يونٽ سستي ڪرڻ جي درخواست نيپرا ۾ جمع ڪرائي، جنهن تي نيپرا اٿارٽي 4 اپريل تي ٻڌڻي ڪندي.
حڪومت بجلي جي اگهن ۾ لاٿ اپريل کان جون 2025 تائين لاڳو ڪرڻ جي تجويز ڏني آهي، جڏهن ته ڪي اليڪٽرڪ سميت سمورين ڪمپنين لاءِ اگهن ۾ لاٿ جي درخواست پڻ ڪئي وئي آهي.
وفاقي حڪومت اپريل کان جون تائين بجلي تي 1 رپيو 71 پئسا في يونٽ سبسڊي فراهم ڪندي، جنهن جي آءِ ايم ايف به منظوري ڏئي ڇڏي آهي.