ممبئي (ويب ڊيسڪ) جڳ مشهور ڀارتي گلوڪارا نيها ڪڪڙ آسٽريليا ۾ ٿيل شو ۾ دير سان پهچڻ جو ڪارڻ ٻڌائي ڇڏيو.
ميلبورن ۾ نيها ڪڪڙ جي شو لاءِ شيڊول طئي ٿيل هو، پر هوءَ ٽي ڪلاڪ دير سان پهتي، جنهن تي اسٽيج تي ايندي ئي مداحن کان معافي گهري ۽ روئي ويٺي.
شو ۾ ڪجهه ماڻهن ”واپس موٽي وڃ“ ۽ ”روئڻ جو ڊرامو“ جا نعرا هنيا، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن چيو ته ”هي ڀارت نه، آسٽريليا آهي.“
نيها ڪڪڙ هاڻي شو ۾ دير سان اچڻ جو ڪارڻ ٻڌائيندي مٿس ٿيندڙ تنقيد جو جواب ڏنو آهي.
پنهنجي انسٽاگرام پوسٽ ۾ هن لکيو ته ” ماڻهن چيو ته مان ٽي ڪلاڪ دير سان پهتيس، پر ڇا ڪنهن اِهو ڄاڻڻ جي ڪوشش ڪئي ته مون ۽ منهنجي بينڊ سان ڇا ٿيو؟“
شو ۾ دير سان پهچڻ جو سبب بيان ڪندي، هن وضاحت ڪئي” مون دير جو سبب ان ڪري نه ٻڌايو، ڇو ته مان ان جي سزا ڪنهن ٻئي کي ڏيڻ نه پئي چاهي، پر جڏهن اِها ڳالهه منهنجي نالي سان جُڙي وئي، ته هاڻي مان چُپ نه ٿي رهي سگهان.“
نيها ڪڪڙ وڌيڪ لکيو ته ”توهان کي خبر آهي ته مان ميلبورن ۾ پنهنجن مداحن لاءِ بغير معاوضي جي پرفارم ڪيو؟“
هن چيو ته” شو انتظاميا منهنجا پئسا وٺي ڀڄي وئي، منهنجي بينڊ کي هوٽل انتظام سميت کاڌو ۽ پاڻي به نه مليو، پر ان باوجود مان مداحن لاءِ اسٽيج تي موجود هيس.“
هن وڌيڪ چيو ته ” سائوند چيڪ وارو به دير سان پهتو، ٻڌائڻ لاءِ گهڻو ڪجهه آهي، پر مان انهن سڀني جي ٿورائتي آهيان، جن منهنجي حمايت ڪئي.“
You might also like