روي بوپارا ڪراچي ڪنگز جو هيڊ ڪوچ ۽ محمد مسرور هاءِ پرفارمنس ڪوچ مقرر

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پاڪستان سپر ليگ جي ڏهين ايڊيشن ۾ ڪراچي ڪنگز هيڊ ڪوچ ۽ هاءِ پرفارمنس ڪوچ جي مقرريءَ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
ڪراچي ڪنگز پي ايس ايل 10 لاءِ روي بوپارا کي ٽيم جو هيڊ ڪوچ ۽ محمد مسرور کي هاءِ پرفارمنس ڪوچ مقرر ڪيو آهي.
روي بوپارا 2016ع کان 2019ع تائين رانديگر طور ڪراچي ڪنگز سان سلهاڙيل رهيو، هن 2023ع ۾ ڪراچي ڪنگز جي بيٽنگ ڪوچ ۽ 2024ع ۾ اسسٽنٽ ڪوچ جون خدمتون انجام ڏنيون.
ڪراچي ڪنگز موجب، محمد مسرور ڊگهي عرصي کان ڪراچي ڪنگز سان فيلڊنگ ڪوچ ۽ اسسٽنٽ ڪوچ طور واڳيل رهيو آهي ۽ پليئر ڊيولمپمينٽ اسٽريٽجِڪ رٿابندي ۾ سندس تجربو ٽيم جي ڪارڪردگي ۾ اهم ڪردار ادا ڪندو.
ان کانسواءِ ڪراچي ڪنگز اڳوڻي هيڊ ڪوچ فل سمنز جي خدمتن تي به شڪريو ادا ڪيو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.