بي سي سي آءِ ڪوهلي، روهت ۽ جاڙيجا جي مستقبل بابت فيصلو ڪري ڇڏيو

ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي ڪرڪيٽ بورڊ (بي سي سي آءِ )جلد سينٽرل ڪانٽريڪٽ حاصل ڪندڙ رانديگرن جي لسٽ جاري ڪندو.
پرڏيهي خابرو اداري موجب، بي سي سي آءِ جو ڇنڇر تي هڪ اهم اجلاس ٿيندو ، جنهن ۾ سيڪريٽري ديوجيت سيڪيا ۽ ڀارتي ٽيم جو هيڊ ڪوچ گوتم گمڀير شريڪ ٿيندو.
رپورٽ موجب، ون ڊي ۽ ٽيسٽ فارميٽ جي ڪپتان روهت شرما، ويرات ڪوهلي ۽ آل رائونڊر رويندرا جاڙيجا جو سينٽرل ڪانٽريڪٽ اي پلس ڪيٽيگري ۾ برقرار رهندو، جڏهن ته جسپريت بمرا به ان فهرست جو حصو هوندو.
رپورٽ ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته علائقائي ڪرڪيٽ نه کيڏڻ سبب 2023-24 واري سيزن ۾ سينٽرل ڪانٽريڪٽ مان ڊراپ ڪيل شرياس اَئير جي واپسي جو امڪان آهي، جڏهن ته اِيشان ڪشن بابت اڃا غيريقيني صورتحال آهي.
ٻئي پاسي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي نائب ڪپتان اڪشر پٽيل کي گريڊ بي مان گريڊ اي ۾ ترقي ملڻ جو امڪان آهي.
ان کانسواءِ اسپنر ورون چڪرورتي، آل رائونڊر نتيش ڪمار ريڊي ۽ اڀيشيڪ شرما کي به سينٽرل ڪنٽريڪٽ ملي سگهي ٿو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.