ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني، پوليس ۽ ڌاڙيلن جي ڳٺ جوڙ جو نتيجو

جيڪڏهن ڪشمور ضلعي جي  امن و امان واري صورتحال  جو تقابلي جائزو ملڪ جي ٻين شهرن سان ڪنداسين ته اسان کي ڪشمور ضلعو، خاص طور تي ڪنڌڪوٽ شهر جون حالتون ” وانا ۽ وزيرستان“ کان به خراب نظر اينديون. جتي هر ڏينهن ڪو نه ڪو بي گناهه شخص ڌاڙيلن هٿان لُٽجي ڦرجي ٿو يا وري قبيلائي دهشتگردن هٿان قتل ٿيو وڃي. ڪشمور ضلعي جي بدامني واري صورتحال ڇو بهتر نٿي بڻجي؟ ان بابت مختلف ماڻهن جا مختلف رايا آهن، ڪن جو خيال آهي ته ان سڄي معاملي پٺيان بااثر وڏيرن جو هٿ آهي ته وري ڪي ان جو ذميوار ”ڳجهن هٿن“ کي قرار ڏيندا رهيا آهن، ۽ اهو پڻ دليل پيش ڪندا رهيا آهن ته ٻهراڙي جي اڻپڙهيل ڌاڙيلن وٽ خطرناڪ هٿيار اهي ماڻهو  نه رڳو پهچائين ٿا پر کين هٿيار هلائڻ جي سکيا ۽ ٻي ضروري ٽريننگ پڻ ڏين ٿا. جنهن سبب ڪچي جا ڌاڙيل ايترا طاقتور بڻجي چڪا آهن  جو اهي قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کي  ڪنهن ليکي ۾ به نٿا آڻين ۽ ڏينهن ڏٺي جو روڊ بلاڪ ڪري سرعام مسافر گاڏين کان ڦرلٽ ڪرڻ کان ويندي مسافرن کي اغوا به ڪندا رهيا آهن. پر حد جي پوليس سندن خلاف ڪڏهن به فيصلائتي ڪارروائي  ڪري عوام لاءِ آزار بڻيل ڌاڙيلن جي ” چيلهه چٻي“ ناهي ڪئي.

ڪجهه به هجي، پر ڌاڙيل ڪڏهن به پوليس توڙي ٻين قانون لاڳو ڪندڙ ادارن کان سگهارا ٿي نٿا سگهن. ڇاڪاڻ ته ان جي هڪڙي جهلڪ اسان تازو ڏسي چڪا آهيون، ڪشمور جتي روز جي بنياد تي نه رڳو ماڻهن کان ڦرلٽ ٿيندي هئي، پر اغوا  جون واردتون به عام هيون ۽ سڄو شهر سج لهڻ کان اڳ ۾ ئي بند ٿي ويندو هو ۽ بازارون ائين ويران ۽ سنسان ٿي وينديون هيون، جهڙوڪ شهر ۾ ڪو راڪاس گهمي ويو هجي، پر گذريل اٽڪل ٻن مهينن کان هڪ فرض شناس ۽ قابل پوليس آفيسر ڪشمور ٿاڻي تي مقرر ٿيڻ بعد  ڦرلٽ توڙي اغوا جي وارداتن ۾ واضع گهٽتائي اچي وئي آهي، جيڪڏهن اسان کي ڪنڌڪوٽ سميت سنڌ جي ٻين شهرن ۾ ڌاڙيل پوليس کان طاقتور ڏسڻ ۾ اچن به ٿا ته يقينن ان ۾ ڌاڙيلن جو ڪو به ڪمال ناهي، پر اهو سڄو ڪمال ۽ معجزو پوليس ۾ شامل ڪارين رڍن جو آهي، جيڪي فرض شناس بڻجڻ بدران امن دشمن قوتن جو ساٿ ڏئي عوام کي تحفظ ڏيڻ جي بجاءِ ويتر سندن لاءِ  اهنج  پيدا ڪن ٿيون.

تازو سوشل  ميڊيا تي هڪ ويڊيو ڪلپ وائرل ٿيو آهي، جنهن ۾ ڏسي سگهجي ٿو ته پوليس موبائل ۾ ويٺل  هٿياربند موبائل مان هيٺ لهي رهيا آهن. ڪچي جو سفر ڪرڻ دوران  سندن ڪپڙن تي ڌوڙ پڻ نظر اچي رهي هئي. ذريعن جو چوڻ آهي ته اهو ڪنڌڪوٽ جي ڪچي جو علائقو آهي، جڏهن ته ڌاڙيل پنهنجي روايتي پوشاڪ توڙي مهانڊن مان به ڪنڌڪوٽ جي ڪچي واري علائقي جا لڳن ٿا.

جيڪڏهن اسان رڳو گذريل ٻن مهينن جي ڪنڌڪوٽ ۾ پيش ايندڙ وارداتن ۽ پوليس جي ڪارڪردگي جاچي ڏسنداسين ته اسان کي سمجهڻ ۾ ڪا گهڻي ڏکيائي پيش نه ايندي، ته پوليس ڏوهن تي ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ ڪهڙي حڪمت عملي تيار ڪئي آهي ۽ ان سلسلي ۾ ڪيتري ڪامياب وئي آهي. ڪجهه مهينا اڳ ڀتو نه ملڻ جي سبب ڌاڙيلن شهر ۾ اچي هندو واپاري جي دڪان تي حملو ڪري انڌا ڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني جنهن جي نتيجي ۾ ڪجهه ڄڻا زخمي ٿي پيا هئا، جنهن ۾ هڪ نوجوان  مهينو کن مختلف اسپتالن ۾ زير علاج رهڻ سبب ديهانت ڪري ويو. ان کان پوءِ به وقت به وقت  ڪنڌڪوٽ ۾ قتل جا پيش ايندا رهيا آهن ، جڏهن ته هلندڙ هفتي هٿياربندن هٿان کوسا برادري جو نوجوان مارجي ويو ۽ ٽيون ڏينهن سبزوئي برادري جي هٿياربندن حملو مهر برادري جي هڪ شخص کي قتل ڪري هڪ ڄڻي کي پاڻ سان گڏ اغوا ڪري کڻي ويا، جن پڻ مغوي سان ويڊيو سوشل ميڊيا تي وائرل ڪري  ڇڏيو، جن جا چهرا چٽا ڏسڻ ۾ اچي رهيا آهن، پر ايڏي وڏي واردات يعني قتل ۽ اغوا جا جوابدار جيڪي پوليس کي ڪنهن ليکي ۾ به نه آڻيندي بي خوف  ٿي ويڊيو ٺاهي سوشل ميڊيا تي وائرل ڪندي مغوي نوجوان کي قتل ڪرڻ جي ڌمڪي پڻ ڏني آهي، پر پوليس ڪو تحرڪ وٺڻ بدران روايتي سستي جو مظاهرو ڪندي ڏسڻ ۾ اچي رهي آهي.

هاڻ ته اها ڳالهه ڪندي ڪا به هٻڪ محسوس نٿي ٿئي ته ڌاڙيلن کي ڊگهو رسو ڏيڻ ۾ پوليس جو ئي هٿ آهي،  اها ڳالهه ڪنڌڪوٽ شهر  توڙي ڪشمور ضلعي ۾ وڌندڙ ڌاڙيلن جو وارداتون  ڪري به چئي سگهجي ته پوليس جي ڏوهارين خلاف ڪو تحرڪ نه وٺڻ ۽ سندن خلاف فيصلائتي ڪارروائي نه ڪرڻ واري عمل کي ڏسي به چئي سگهجي ٿي. جڏهن ان ڳالهه جو سڀ کان وڏو ثبوت هٿياربندن جو پوليس موبائل ۾ ويهي گشت ڪرڻ آهي؟ ڇا  ضلعي انتظاميا توڙي پوليس عملدار اخلاقي ۽ قانوني ذميواري جو مظاهرو ڪندي ان عمل جو نوٽيس وٺي ذميوارن کان ڪو پڇاڻو ۽  ان سلسلي ۾ ميڊيا جي نمائندن جي اڳيان وضاحت جي ضرورت محسوس ڪئي آهي.

اسان جي سنڌ حڪومت توڙي پوليس جي اعليٰ عملدارن کي گذارش ڪجي ٿي ته ڪنڌڪوٽ ۾ بدامني واري صورتحال جي پٺيان پوليس ۽ ڌاڙيلن جو ڳٺ جوڙ آهي، جنهن سبب  ضلعي ۾ لاقانونيت ۽ ڌاڙيلن جو ڏاڍ خطرناڪ حد تائين وڌي ويو آهي. حالتن کي معمول تي آڻڻ تي ضروري آهي ته  ضلعي ۾ ايماندار ۽ ساکائتا پوليس عملدار مقرر ڪري بدعنوان ۽ ڏوهارين جي ساٿارين خلاف سخت ۽ تڪڙي ڪارروائي ڪئي وڃي.

 

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.