گڏيل عرب امارتن ۾ ڪهڙن پرڏيهين کي ڊرائيونگ جي اجازت هوندي؟

ابوظهبي(ويب ڊيسڪ) گڏيل عرب امارتن ۾ ٽريفڪ پوليس 29 مارچ کان ڊرائيونگ لائيسنس بابت فيڊريشن جي قانون 2024 جي شق 14 تي عملدرآمد شروع ڪرڻ جو اعلان ڪري ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽ موجب، نئين قانون تحت ٽن زمرن کي لائيسنس کان ڇوٽ ڏيندي امارات ۾ بنا ڪنهن اضافي رجسٽريشن جي ڊرائيونگ جي اجازت ڏني وئي آهي.
قانون موجب، اهڙا پرڏيهي جن جا لائيسنس گڏيل عرب امارتن ۾ اڳ ئي رجسٽرڊ آهن، کين ٻيهر رجسٽريشن نه ڪرائڻي پوندي.
ان سان گڏ اهي ماڻهو جن جا ڊرائيونگ لائيسنس عالمي سطح تي تسليم ٿيل آهن، کين امارات ۾ ڊرائيونگ لاءِ اين او سي وٺڻي پوندي.
ان کانسواءِ اهڙا ڊرائيونگ لائيسنس هولڊرز جيڪي امارات ۾ عارضي طور ترسيل آهن يا ٽرانزٽ تي آهن، کين اماراتي لائيسنس وٺڻ جي ضرورت نه هوندي، هو پنهنجن ئي لائيسنس تي ڊرائيونگ ڪري سگهندا.
اماراتي ٽريفڪ قانون موجب، ڊرائيونگ لائيسنس حاصل ڪرڻ لاءِ گهٽ ۾ گهٽ عمر 17 سال هجڻ لازمي آهي، جڏهن ته اميدوار جي طبي طور به فٽ هجڻ گهرجي.
ٻئي پاسي گڏيل عرب امارات ۾ نون ٽريفڪ قانونن تي 20 مارچ کان عملدرآمد شروع ٿي چڪو آهي، جن ۾ 10 اهم شقن جي وضاحت ڪئي وئي آهي.
قانون جي شق 12 موجب، لاڳاپيل ادارو ڊرائيونگ لائيسنس کي ان صورت ۾ معطل ڪري سگهي ٿو، جيڪڏهن ثابت ٿئي ته لائيسنس هولڊر جسماني طور تي ڊرائيونگ جي قابل نه رهيو آهي، اهڙي صورتحال ۾ لائيسنس جي تجديد تي به پابندي لڳائي سگهجي ٿي.
شق 31 تحت، ڪجهه خاص سنگين معاملن ۾ لائيسنس هولڊر خلاف ڪارروائي ٿي سگهي ٿي، جن ۾ بي ڌياني سبب ٽريفڪ حادثو ڪري ڪنهن کي جاني يا مالي نقصان پهچائڻ، نشي جي حالت ۾ گاڏي هلائڻ، حادثي بعد فرار ٿيڻ يا پنهنجي سڃاڻپ لڪائڻ شامل آهي.
شق 32 موجب، 7 اهڙيون حالتون آهن، جن ۾ ٽريفڪ پوليس ڪنهن به گاڏي کي پنهنجي تحويل ۾ وٺي سگهي ٿي. جن ۾ بنا نمبر پليٽ جي گاڏي هلائڻ، خراب هيڊ لائٽس يا بريڪس سان روڊ تي هلڻ، گاڏي جي ساخت ۾ بنا اجازت جي تبديلي يا ڪنهن ڏوهن ۾ گاڏي جو استعمال ٿيڻ شامل آهي.
شق 37 تحت، جيڪڏهن ڪو ماڻهو بنا لائيسنس جي ڊرائيونگ ڪري، يا اهڙو لائيسنس رکي جيڪو امارات ۾ قبول ڪرڻ جوڳو نه هجي ته پهريون ڀيرو 2000 کان 10000 درهم ڏنڊ لاڳو ٿيندو.
جيڪڏهن ساڳيو ڏوهه ٻيهر ورجايو ويو ته جرمانو پنج هزار کان پنجاهه هزار درهم تائين وڌي سگهي ٿو ۽ گڏوگڏ 3 مهينن تائين جيل جي سزا به ٿي سگهي ٿي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.