ويلنگٽن(ويب ڊيسڪ) پاڪستان جي ٽي ٽوئنٽي ٽيم جي ڪپتان سلمان علي آغا چيو آهي ته اسان جو سڄو ڌيان ايشيا ڪپ ۽ ٽي ٽوئنٽي ورلڊ ڪپ تي کتل آهي.
نيوزيلينڊ پنج ٽي ٽوئنٽي ميچن جي سيريز جي آخري ميچ ۾ پاڪستان کي 8 وڪيٽن تان شڪست ڏئي سيريز 1-4 تان پنهنجي نالي ڪري ورتي.
ميچ کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي سلمان علي آغا اعتراف ڪيو ته نيوزيلينڊ پوري سيريز ۾ پاڪستان کي مڪمل طور تي آئوٽ ڪلاس ڪري ڇڏيو.
سندس چوڻ هو ته جيڪڏهن ٽيم سيريز هارائي ته انفرادي ڪارڪردگيءَ جي ڪا اهميت ناهي.
هن وضاحت ڪئي ته پاڪستاني ٽيم نوجوانن تي ٻڌل آهي، نون رانديگرن کي موقعو ڏنو ويو ۽ اِهو سلسلو اڳتي پڻ جاري رهندو،
سلمان علي آغا چيو ته جديد ٽي ٽوئنٽي ڪرڪيٽ جي گهرجن کي نظر ۾ رکندي نئين ٽيم ٺاهي رهيا آهيون ۽ اصل هدف ايشيا ڪپ ۽ ٽي ٽونٽي عالمي ڪپ آهي.
واضح رهي ته ويلنگٽن ۾ نيوزيلينڊ جي ڪپتان مچل بريسويل ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي پاڪستان ٽيم جي بيٽرن هڪ ڀيرو ٻيهر مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي ڏيکاري.
حسن نواز هڪ ڀيرو ٻيهر کاتو کولڻ بنا پويلين موٽيو، محمد حارث به 11 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو، عمير يوسف ۽ عثمان خان 7-7 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته عبدالصمد 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
ان موقعي تي ڪپتان سلمان آغا ۽ شاداب خان ٽيم کي سهارو ڏنو، سلمان آغا 51 ۽ شاداب خان 28 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو، جهانداد خان هڪ رنس ٺاهي، سفيان مقيم کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿي ويو، حارث رئوف 6 ۽ محمد علي بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي ناٽ آئوٽ رهيا.
پاڪستان مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 128 رنسون ٺاهيون، نيوزيلينڊ طرفان جيمز نيشم بهترين بالنگ ڪرائيندي 5 شڪار ڪيا، جيڪب ڊفي 2، بين سيئرز ۽ اش سوڌي هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ نيوزيلينڊ گهربل هدف رڳو 10 اوورن ۾ ٻن جي نقصان تي ماڻي ورتو.
ٽم سيفرٽ 97 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، فن ايلن 27، چيپمين 3، ڊيرل مچل 2 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان ٻئي وڪيٽون سفيان مقيم ورتيون.
ميچ جو بهترين رانديگر جيمز نيشم ۽ سيريز جو بهترين رانديگر ٽم سيفرٽ کي قرار ڏنو ويو.
Prev Post
You might also like