بلاول ڀٽو جو سڄي سنڌ ۾ جلسا ڪرڻ جو فيصلو

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري سڄي سنڌ ۾ سياسي جلسن ڪرڻ جو فيصلو آهي.
ذريعن موجب، چار اپريل قائدِ عوام شهيد ذوالفقار علي ڀٽو جي ورسي جي موقعي تي گڙهي خدابخش ۾ رٿيل جلسي دوران بلاول ڀٽو زرداري باظابطا طور احتجاجي جلسن جو اعلان ڪندو.
ذريعن جو چوڻ آهي ته پهرئين مرحلي ۾ سنڌ جي سمورن ڊويزنل هيڊڪوارٽرز تي جلسن جو شيڊول تيار ڪيو ويو آهي.
ذريعن موجب، سنڌ ۾ 6 جلسن کانپوءِ بلاول ڀٽو زرداري پنجاب جو رخ ڪندو، جتي ايندڙ سياسي مهم لاءِ تياريون ڪيون وينديون.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.