ممبئي (ويب ڊيسڪ) ڀارتي اداڪارا راکي ساونت پاڪستاني اسٽار هانيه عامر ۽ بالي ووڊ سپر اسٽار سلمان خان جي شادي جي تجويز پيش ڪري ڇڏي.
هي دلچسپ تجويز ان وقت سامهون آئي جڏهن هانيه عامر کي برطانوي پارليامينٽ طرفان انٽرٽينمينٽ انڊسٽري ۾ سندس خدمتن جي اعتراف ۾ ”ريڪگنيشن ايوارڊ“ سان نوازيو ويو.
سوشل ميڊيا تي وائرل ٿيل هڪ وڊيو ۾ هانيه عامر، راکي ساونت جي معصوماڻي ۽ تفريحي ڳالهين کي ساراهيو.
ان تي راکي ساونت هڪ تبصري ۾ لکيو ته ” مون کي هانيه تمام ڏاڍو وڻندي آهي، مان چاهيان ٿي ته هوءَ منهنجي ڀاءُ سلمان خان سان شادي ڪري. “
راکي ساونت وڌيڪ چيو ته هانيه ڏاڍي خوبصورت ۽ باصلاحيت اداڪارا آهي، جيڪا سڄي دنيا ۾ مشهور آهي.
ڀارتي اداڪارا جي بيان تي سوشل ميڊيا واهپيدارن دلچسپ قسم جا تبصرا ڪري رهيا آهن.
ڪجهه واهپيدارن سندس تجويز کي کِل جوڳو قرار ڏنو، جڏهن ته ڪجهه ماڻهن سلمان خان ۽ هانيه عامر جي عمر جي فرق تي سوال اٿاريو.
هڪ واهپيدار لکيو ته جيڪڏهن هانيه پاڪستان جي ” سهڻي گُڏي“ آهي ته پوءِ هوءَ ڪنهن وڏي عمر واري ماڻهوءَ سان شادي ڇو ڪندي؟ “
هڪ ٻئي صارف تبصرو ڪيو ته ” راکي جِي اوهان اسان جي ڇوڪريءَ کي پنهنجي ڀاءُ لاءِ ڇو تجويز ڪري رهيا آهيو؟ “
واضح رهي ته راکي ساونت ان کان اڳ به چئي چڪي آهي ته سلمان خان کي ساڳين اداڪارائن بدران نئين ۽ باصلاحيت اداڪارائن سان ڪم ڪرڻ گهرجي.
You might also like