ڪوئيٽا (م ڊ) دهشتگردي جي خاتمي واري کاتي (سي ٽي ڊي) جعفر ايڪسپريس حملي جي چئن مبينا سهولتڪارن کي گرفتار ڪري ورتو. سي ٽي ڊي ذريعن موجب، حملي آورن پاران استعمال ڪيل هٿيارن ۽ مواصلاتي ڊوائيسز جي فرانزڪ ٿي رهي آهي، ٻين ادارن سان گڏجي جاچ ڪئي پئي وڃي. مارجي ويلن جي سڃاڻپ لاءِ فنگر پرنٽس نادرا کي موڪليون ويون آهن.