احمد آباد (ويب ڊيسڪ) ڏکڻ آفريڪي فاسٽ بالر ڪگيسو ربادا ڪرڪيٽ ۾ بيٽر ۽ بالر جي توازن بابت ڳڻتي جو اظهار ڪيو آهي.
هڪ انٽرويو دوران ربادا چيو ته توهان اسان جي راند کي ”ڪرڪيٽ“ بدران ”بيٽنگ“ به چئي سگهو ٿا، ڇو ته هاڻي بيٽ ۽ بال ۾ توازن نه رهيو آهي.
هن جو چوڻ هو ته ڪرڪيٽ کي حقيقي معنيٰ ۾ دلچسپ ۽ مقابلي واري راند بڻائڻ لاءِ لازمي آهي ته بيٽر ۽ بالر جي وچ ۾ مقابلو برابريءَ جو هجي.
هن وڌيڪ چيو ته جيڪڏهن رڳو بيٽر کي فائدو ملي ته پوءِ راند جو اصل حسن ختم ٿي سگهي ٿو.
ياد رهي ته جديد دور ڪرڪيٽ خاص طور تي ٽي ٽوئنٽي فارميٽ ۾ بيٽرن لاءِ وڌيڪ سازگار بڻجي ويو آهي، جنهن سبب ڪيتران ئي بالر تبديل ٿيندڙ صورتحال تي ڳڻتي ظاهر ڪري چڪا آهن.
Prev Post
You might also like