بنا اجازت ٻي شادي ڪرڻ تي پهرين گهرواري کي نڪاح ختم ڪرڻ جو حق ڏيڻ غير شرعي قرار

اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) اسلامي نظرياتي ڪائونسل بنا اجازت ٻي شادي ڪرڻ تي پهرين گهرواري کي نڪاح ختم ڪرڻ جو حق ڏيڻ غير شرعي قرار ڏئي ڇڏيو.
اسلامي نظرياتي ڪائونسل جو اجلاس چيئرمين راغب حسين نعيمي جي صدارت هيٺ ٿيو، جنهن ۾ بنا اجازت ٻي شادي تي پهرين گهرواري کي نڪاح ختم ڪرڻ جو حق ڏيڻ غير شرعي قرار ڏيندي چيو ويو ته اهڙو عدالتي فيصلو جيڪو پهرين گهرواري کي اهو حق ڏئي، اهو شريعت جي نظر ۾ درست ناهي.
واضح رهي ته ان کان اڳ سپريم ڪورٽ بنا اجازت ٻي شادي تي پهرين گهرواري کي معاهدو ختم ڪرڻ بابت فيصلو ڏنو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.