اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) 23-2022 جي اثاثن ۽ گوشوارن جا تفصيل اليڪشن ڪميشن ۾ جمع نه ڪرائڻ تي 10 اڳوڻن اسيمبلي ميمبرن کي نااهل قرار ڏنو ويو.
اليڪشن ڪميشن 23-2022 ۾ اثاثن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ بابت ڪيس جو فيصلو جاري ڪندي قومي اسيمبلي جي 10 اڳوڻن ميمبرن کي نااهل قرار ڏئي ڇڏيو.
فيصلي ۾ سنڌ ۽ بلوچستان اسيمبلين جي 7-7 اڳوڻن ميمبرن کي به نااهل قرار ڏنو ويو آهي.
اليڪشن ڪميشن جي فيصلي ۾ لکيو ويو آهي ته اڳوڻا اسيمبلي ميمبر تفصيل ڏيڻ تائين عام، ضمني ۽ سينيٽ چونڊن ۾ حصو نٿا وٺي سگهن، اثاثن جي تفصيلن جا فارم بي ڏيڻ تائين اهي ميمبر نااهل رهندا.
نااهل قرار ڏنل اڳوڻن قومي اسيمبلي ميمبرن ۾ خرد دستگير، محسن نواز راجها، محمد عادل، راڻا محمد اسحاق خان، ڪمال الدين ۽ عصمت الله شامل آهن، ان کانسواءِ اڳوڻي ايم اين ايز ثمينا مطلوب، نصيبا، شميم آرا پنهور ۽ روبينا عرفان کي به نااهل قرار ڏنو ويو آهي.
اليڪشن ڪميشن گوشوارن جا تفصيل جمع نه ڪرائڻ تي سنڌ اسيمبلي جي اڳوڻي ميمبر عديل احمد، حزب الله ٻگهيو، ارسلان تاج شيخ، عارف مصطفيٰ جتوئي، عمران شاهه، علي غلام ۽ طاهرا کي به نااهل قرار ڏنو آهي.
بلوچستان اسيمبلي جي اڳوڻن ميمبرن مير سڪندر، مير محمد اڪبر، سردار يار رند، عبدالرشيد، عبدالوحيد صديقي، مير حمال ۽ بي بي شاهينا کي به نااهل قرار ڏنو ويو آهي.
You might also like