پاڪستان کي هڪ ٻي لڄائيندڙ شڪست، نيوزيلينڊ 1-4 تان سيريز کٽي ورتي

ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ) نيوزيلينڊ پنجين ۽ آخري ٽي ٽوئنٽي ميچ ۾ پاڪستان کي عبرتناڪ شڪست ڏئي سيريز 1-4 تان کٽي ورتي.
ويلنگٽن ۾ نيوزيلينڊ جي ڪپتان مچل بريسويل ٽاس کٽي اڳ ۾ بالنگ جو فيصلو ڪيو ۽ دعوت ملڻ تي پهريان کيڏندي پاڪستان ٽيم جي بيٽرن هڪ ڀيرو ٻيهر مايوس ڪندڙ ڪارڪردگي ڏيکاري.
حسن نواز هڪ ڀيرو ٻيهر کاتو کولڻ بنا پويلين موٽيو، محمد حارث به 11 رنسن جو مهمان ثابت ٿيو، عمير يوسف ۽ عثمان خان 7-7 رنسون ٺاهيون، جڏهن ته عبدالصمد 4 رنسون ٺاهي آئوٽ ٿيو.
ان موقعي تي ڪپتان سلمان آغا ۽ شاداب خان ٽيم کي سهارو ڏنو، سلمان آغا 51 ۽ شاداب خان 28 رنسن جي اننگز کيڏي آئوٽ ٿيو، جهانداد خان هڪ رنس ٺاهي، سفيان مقيم کاتو کولڻ بنا آئوٽ ٿي ويو، حارث رئوف 6 ۽ محمد علي بنا ڪنهن رنس ٺاهڻ جي ناٽ آئوٽ رهيا.
پاڪستان مقرر اوورن ۾ 9 وڪيٽن جي نقصان تي 128 رنسون ٺاهيون، نيوزيلينڊ طرفان جيمز نيشم بهترين بالنگ ڪرائيندي 5 شڪار ڪيا، جيڪب ڊفي 2، بين سيئرز ۽ اش سوڌي هڪ – هڪ وڪيٽ ورتي.
جواب ۾ نيوزيلينڊ گهربل هدف رڳو 10 اوورن ۾ ٻن جي نقصان تي ماڻي ورتو.
ٽم سيفرٽ 97 رنسن جي ناقابل شڪست اننگز کيڏي، فن ايلن 27، چيپمين 3، ڊيرل مچل 2 رنسون ٺاهيون.
پاڪستان طرفان ٻئي وڪيٽون سفيان مقيم ورتيون.
ميچ جو بهترين رانديگر جيمز نيشم ۽ سيريز جو بهترين رانديگر ٽم سيفرٽ کي قرار ڏنو ويو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.