لاهور (ويب ڊيسڪ ) پاڪستان سپر ليگ (پي ايس ايل) جي ڏهين سيزن جي ريپليسمنٽ ڊرافٽ ۾ فرنچائزن نون رانديگرن کي پنهنجي اسڪواڊ ۾ شامل ڪري ورتو.
پي ايس ايل ريپليسمنٽ ڊرافٽ جي ورچوئل تقريب ٿي، جتي فرنچائزن پنهنجن غير موجود رانديگرن جي جاءِ تي متبادل رانديگر چونڊيا.
ريپليسمنٽ ڊرافٽ دوران پشاور زلمي جارج لينڊي کي ڪاربن بوش جي جاءِ تي ڊائمنڊ ڪيٽيگري ۾ شامل ڪيو، جڏهن ته گولڊ ڪيٽيگري ۾ ناهيد رانا جي جاءِ کي خالي ڇڏيو.
اسلام آباد يونائيٽيڊ ڏکڻ آفريڪا جي رسي وين ڊر ڊوسن جي جاءِ تي اليڪس ڪيري کي عارضي طور تي اسڪواڊ ۾ شامل ڪيو.
ڪراچي ڪنگز سلور ڪيٽيگري ۾ بنگلاديشي اوپنر لِٽن داس کي پِڪ ڪيو، جڏهن ته ڪين وليمسن کي به اسڪواڊ ۾ برقرار رکيو ويو. ڪوئيٽا گليڊيئيٽرز مارڪ چيپمين جي جاءِ کي محفوظ رکيو.
واضح رهي ته پي ايس ايل 10 جا مقابلا 11 اپريل کان شروع ٿيندا ۽ 18 مئي تائين جاري رهندا، ٽورنامينٽ جون ميچون ڪراچي، لاهور، ملتان ۽ راولپنڊي ۾ کيڏيون وينديون.