يارهين درجي جي شاگردن کي ”گريس مارڪس“ ڏيڻ جي منظوري

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) سنڌ اسيمبلي جي پارلياماني ڪميٽي يارهين درجي جي شاگردن کي گريس مارڪس ڏيڻ جي منظوري ڏئي ڇڏي.
يارهين درجي جي نتيجن جي شرح گهٽ اچڻ جي معاملي تي سنڌ اسيمبلي جي پارلياماني ڪميٽي جو اجلاس ٿيو، جنهن ۾ فيصلو ٿيو ته فزڪس ۽ رياضي ۾ شاگردن کي 15 نمبر گريس مارڪس طور ڏنا ويندا، جڏهن ته ڪيمسٽري ۾ شاگردن کي 20 واڌو نمبر ڏنا ويندا.
ڪميٽي اجلاس ۾ فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ پيش ڪئي وئي، جنهن ۾ چيو ويو ته نتيجن جي شرح گهٽ اچڻ تي سوشل ميڊيا تي اهو مسئلو اجاڳر ٿيو، سياسي جماعتن عوامي ڌيان حاصل ڪرڻ لاءِ ان معاملي کي استعمال ڪيو.
رپورٽ ۾ ٻڌايو ويو ته 10 سالن کان شاگردن جي ڪاميابي جي شرح 47 سيڪڙو کان گهٽ ئي رهي آهي.
رپورٽ موجب انڪوائري ڪميٽي متاثر شاگردن جي والدين سان ملاقات ڪئي، ڪميٽي امتحاني رڪارڊ ۽ مارڪنگ نظام جو جائزو ورتو.
رپورٽ ۾ چيو ويو ته فزڪس ۽ اسلاميات جا ڪتاب شاگردن کي دير سان فراهم ڪيا ويا، شاگردن لاءِ فزڪس جو ڪتاب ڏکيو ثابت ٿيو، شاگردن لاءِ فزڪس، ڪيمسٽري ۽ رياضي جا پرچا ڏکيا هئا.
رپورٽ موجب استادن قاعدن جي خلاف ڪاپيون گهر وڃي چيڪ ڪيون هيون، ڪاپي چيڪ ڪندڙ استادن کي اجرت نه ڏيڻ حوصلا شڪني آهي.
فيڪٽ فائنڊنگ ڪميٽي جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته مشاهدي ۾ آيو ته آءِ ٽي سيڪشن ۾ غلط ڊيٽا فيڊ ٿيڻ جو امڪان آهي، پري ميڊيڪل ۾ 35 سيڪڙو ڪيس ڊيٽا انٽري سبب متاثر ٿيا، تقريبن 64 سيڪڙو ڪيسن ۾ ري ٽوٽلنگ جا مسئلا هئا.
ڪميٽي جي رپورٽ ۾ چيو ويو ته پري انجنيئرنگ ۾ 25 سيڪڙو ڪيس هيڊ ايگزامينر کي موڪليا ويا، پري انجنيئرنگ ۾ 74 سيڪڙو ڪيسن ۾ ري ٽوٽلنگ جا مسئلا هئا.
رپورٽ ۾ چيو ويو ته آءِ ٽي سيڪشن جي سافٽ ويئر ۽ هارڊ ويئر کي اپ ڊيٽ ڪرڻ جي ضرورت آهي، امتحانن لاءِ استادن ۽ عملي جي تربيت جي ضرورت آهي، بورڊ جي اهم خالي عهدن تي جلد مقرريون ڪيون وينديون.
رپورٽ موجب سنڌ جي ٻين بورڊن جي نتيجن سان به ڀيٽ ڪئي وئي، ڪميٽي اڪيڊمڪ مسئلن کي به حل ڪرڻ جي سفارش ڪئي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.