ويلنگٽن (ويب ڊيسڪ) پاڪستان ڪرڪيٽ ٽيم جي بالنگ ڪوچ اظهر محمود چيو آهي ته فاسٽ بالرن جي ڪارڪردگي انفرادي سطح تي بهتر آهي، پر ٽيم طور تي بالنگ يونٽ گهربل نتيجا ناهي ڏئي رهيو.
پنهنجي بيان ۾ اظهر محمود چيو ته جيڪڏهن هڪ بالر بهترين ڪارڪردگي ڏيکاري ٿو ته ٻيو ساڳي طرح پرفارم نه ٿو ڪري، جيڪڏهن ٽيئي فاسٽ بالر گڏجي سٺي ڪارڪردگي ڏيکاريندا ٽيم سٺو نتيجو ڏيندي.
بالنگ ڪوچ جو چوڻ هو ته هڪ ميچ ۾ حارث رئوف سٺي بالنگ ڪئي، پر ٻيا بالر اهڙي ڪارڪردگي ڏيکارڻ ۾ ناڪام رهيا.
سندس چوڻ هوته ٽيم نوجوان رانديگرن تي ٻڌل آهي، انجريز ۽ فائٽنگ اسپرٽ سڀني ڏٺي، سيريز هارائي آهي ڪنهن ٽورنامينٽ مان آئوٽ ناهيون ٿيا.
هن چيو ته جديد ڪرڪيٽ ۾ 160 جو اسڪور گهٽ آهي، هاڻي ٽي ٽوئنٽي ۾ ميچن ۾ 180 کان 200 پلس اسڪور عام آهي.
اظهر محمود چيو ته بدقسمت رهيو سندس بال تي موقعا پيدا ٿيا پر وڪيٽ نه ملي، نيوزيلينڊ پهچڻ وقت مختلف چئلينجز کي منهن ڏيڻو پيو. اسان جي ڪوشش هوندي ته سيريز 3-2 تي ختم ڪريون.