ڍاڪا (ويب ڊيسڪ) بنگلاديشي عدالت ڪرڪيٽر ۽ قومي اسيمبلي اڳوڻي ميمبر شڪيب الحسن جا اثاثا ضبط ڪرڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو.
پرڏيهي ميڊيا رپورٽن موجب، ڍاڪا جي ايڊيشنل چيف ميٽروپوليٽن مجسٽريٽ ضياءُ الدين رحمان سومر ڏينهن چيڪ بائونس ڪيس ۾ شڪيب الحسن جي ملڪيت ضبط ڪرڻ جو حڪم جاري ڪيو.
شڪيب الحسن 2016ع ۾ بنگلاديش جي ستکيرا علائقي ۾ جھينگن جو فارم قائم ڪيو هو، جيڪو 2021ع کان غيرفعال آهي.
پرڏيهي ميڊي موجب، ڄاڻايل چيڪس بينڪ مان ورتل قرض جي ادائيگي لاءِ ڏنا ويا هئا، پر ناڪافي فنڊز سبب بائونس ٿي ويا هئا.
رپورٽن موجب، آڪٽوبر 2024ع ۾ بنگلاديشي بئنڪ بائونس ٿيل چيڪس بابت قانوني نوٽيس جاري ڪيو هو، جنهن کانپوءِ 24 ڊسمبر تي شڪيب ۽ سندس ڪمپني جي ٽن ٻين عهديدارن خلاف ڪيس داخل ڪيو ويو ۽ جنوري ۾ عدالت ان ڪيس ۾ شڪيب الحسن جا گرفتاري وارنٽ جاري ڪيا هئا.
ياد رهي ته شڪيب الحسن سياسي وڳوڙن ۽ عوامي ليگ سان واڳيل هئڻ سبب موتمار ڌمڪيون ملڻ کانپوءِ ملڪ کان ٻاهر هليو ويو هو.
ان کانسواءِ کيس گذريل سال حڪومت مخالف احتجاج دوران هڪ نوجوان جي قتل واري ڪيس ۾ به نامزد ڪيو ويو هو .
You might also like