سي ٽي ڊي جعفر ايڪسپريس حملي جي 4 مبينا سهولتڪارن کي گرفتار ڪري ورتو

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) دهشتگردي ٽوڙ کاتي (سي ٽي ڊي) جعفر ايڪسپريس حملي جي 4 مبينا سهولتڪارن کي گرفتار ڪري ورتو.
سي ٽي ڊي ذريعن جو چوڻ آهي ته جعفر ايڪسپريس تي دهشتگرد حملي جي جاچ جاري آهي ۽ ٻين ادارن سان گڏجي جاچ ۽ حملي آورن جي سڃاڻپ ڪئي پئي وڃي.
سي ٽي ڊي ذريعن موجب حملي جي 4 مبينا سهولتڪارن کي حراست ۾ ورتو ويو آهي، مارجي ويل حملي آورن جي هٿيارن ۽ ڪميونيڪشن اوزارن جي فرانزڪ ٿي رهي آهي.
سي ٽي ڊي ذريعن جو چوڻ آهي ته مارجي ويل حملي آورن جي سڃاڻپ لاءِ فنگر پرنٽس نادرا کي موڪليون آهن، جڏهن ته حملي آورن جا جسماني عضوا به فرانزڪ ايجنسي کي موڪليا ويا آهن.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.