اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) نيشنل انڊسٽريل رليشنز ڪميشن (اين آءِ آر سي) جي چيئرمين جسٽس رٽائرڊ شوڪت عزيز صديقي پنهنجو عهدو ڇڏڻ جو فيصلو ڪري ورتو.
رپورٽ موجب اسلام آباد هاءِ ڪورٽ جي اڳوڻي جج عهدو ڇڏڻ لاءِ هڪ مهيني جو نوٽيس ڏئي ڇڏيو، هن ايگريمينٽ جي خاتمي لاءِ صدر کي سمنڊ پار پاڪستانين جي وزارت واري سيڪريٽري ذريعي نوٽيس موڪليو آهي.
جسٽس رٽائرڊ شوڪت عزيز صديقي چيو ته بدقسمتي سان ڪجهه حالتن سبب پنهنجون ذميواريون نٿو نڀائي سگهان.
واضح رهي ته وفاقي ڪابينا 2024 ۾ جسٽس رٽائرڊ شوڪت عزيز صديقي کي 3 سالن لاءِ اين آءِ آر سي چيئرمين مقرر ڪرڻ جي منطوري ڏني هئي.
You might also like