بي واءِ سي اڳواڻن جي گرفتاري خلاف بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ شٽر بند هڙتال

ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) بلوچ يڪجهتي ڪميٽي (بي واءِ سي) جي سربراهه ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ، سمي دين بلوچ ۽ ٻين اڳواڻن جي گرفتاري خلاف بلوچستان جي مختلف شهرن ۾ شٽر بند هڙتال جاري آهي.
بلوچستان نيشنل پارٽي جي سڏ تي شٽر ڊائون هڙتال ڪئي وئي، جنهن کان پوءِ هاڻي انهن شهرن ۾ به ڪاروبار بند آهي، جتي گذريل ٻن ڏينهن کان اهڙو احتجاج نظر نه آيو هو.
بلوچستان نيشنل پارٽي طرفان خميس تي سڄي صوبي ۾ احتجاجي مظاهرا ڪرڻ ۽ 28 مارچ تي خضدار جي علائقي وڊ کان ڪوئيٽا تائين لانگ مارچ جو اعلان ڪيو ويو آهي.
ڪوئيٽا جي سرياب ۽ اولهندي باءِ پاس تي پوليس جي وڏي نفري مقرر ڪئي وئي آهي ته جيئن ڪنهن به احتجاج کي روڪي سگھجي.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.