ڪوئيٽا (ويب ڊيسڪ) ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ جي گرفتاري خلاف سندس ڀيڻ ناديا بلوچ طرفان بلوچستان هاءِ ڪورٽ ۾ داخل درخواست تي ٻڌڻي ٿي.
جسٽس روزي خان وڏيچ ۽ جسٽس شوڪت رخشاني تي ٻڌل بئنچ درخواست تي ٻڌڻي ڪئي، جنهن دوران ايڊووڪيٽ جنرل ۽ پراسيڪيوٽر جنرل به پيش ٿيا.
درخواست گذار جي وڪيل عمران بلوچ موقف اختيار ڪيو ته بي واءِ سي جي اڳواڻ کي قانوني طريقيڪار کانسواءِ گرفتار ڪيو ويو، ڇو ته کين گرفتاري بعد سڌو هدا جيل منتقل ڪيو ويو.
هن چيو ته لڳي ٿو ته ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ کي ايم پي او تحت گرفتار ڪيو ويو ۽ مختلف ٿاڻن ۾ داخل ڪيسن ۾ سندس گرفتاري ظاهر ڪئي ويندي.
درخواست ۾ بي واءِ سي جي اڳواڻن ۽ ڪارڪنن خلاف داخل سمورن ڪيسن جا تفصيل فراهم ڪرڻ جي گهر ڪئي وئي.
عدالت حڪومت کي هدايت ڪئي ته هڪ هفتي اندر ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ خلاف داخل سمورن ڪيسن جا تفصيل پيش ڪيا وڃن.
عدالت ڊاڪٽر ماهه رنگ جي ڪٽنب ۽ وڪيل کي سندن ملاقات جي به اجازت ڏني.
You might also like