سمي دين بلوچ آزادي کانپوءِ عدالت جي اڱڻ مان ايم پي او تحت ٻيهر گرفتار

ڪراچي (ويب ڊيسڪ) بلوچ يڪجهتي ڪميٽي جي اڳواڻ سمي دين بلوچ کي پوليس ٻيهر گرفتار ڪري ورتو، جڏهن ته کيس امن امان جي خدشي تحت ايم پي او آرڊر تي 30 ڏينهن لاءِ جيل موڪليو ويو.
سنڌ حڪومت طرفان جاري ڪيل حڪنامي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته سمي بلوچ سميت 5 ڄڻن کي گرفتار ڪيو ويو آهي، هو عوام کي مڇرائي رهيا هئا جنهن سبب امن امان جي صورتحال بگڙجڻ جو خدشو هو.
اڱاري جي صبح پوليس سمي دين بلوچ ۽ ٻين کي سينٽرل جيل مان جڊيشل مجسٽريٽ جي عدالت ۾ پيش ڪيو.
عدالت ۾ انساني حقن جي وڪيل جبران ناصر سميت ٻين وڪيلن موقف اختيار ڪيو ته سمي بلوچ ۽ ٻين ڪارڪنن جي گرفتاري غيرقانوني آهي ۽ شهر ۾ قلم 144 لاڳو ڪرڻ غلط آهي.
عدالت وڪيلن جا دليل ٻڌڻ کانپوءِ سمي دين بلوچ، محمد ۽ وهاب بلوچ سميت پنج ڄڻن جي آزادي جو حڪم جاري ڪيو.
پر آزاديءَ باوجود پوليس سمي بلوچ کي ٻيهر گرفتار ڪري ورتو ٻڌايو ته کيس ايم پي او تحت گرفتار ڪيو ويو آهي.
ان دوران وڪيلن گرفتاري جي مزاحمت ڪئي، جنهن سبب پوليس ۽ وڪيلن وچ ۾ منهن ماري ٿي.
ان موقعي تي عدالت پوليس کان ايم پي او جو آرڊر طلب ڪيو، جنهن کانپوءِ پوليس آرڊر پيش ڪري عدالت کي آگاهه ڪيو ته هو قانون پٽاندڙ ايم پي او جي آرڊر تي آرڊر نه ٿا ڪري سگهن.
ياد رهي ته ايم پي او تحت اهڙن ماڻهن کي گرفتار يا نظر بند ڪيو ويندو آهي، جن جي آزاداڻي چر پر سان امن امان جي صورتحال بگڙجڻ جو امڪان هوندو آهي.
ٻئي پاسي سمي دين جي ننڍي ڀيڻ مهلب بلوچ پريس ڪانفرنس ڪندي سمي بلوچ جي غير مشروط آزادي ۽ بلوچ عورتن تي ٿيندڙ ظلم ۽ تشدد ۾ ملوث عملدارن خلاف ڪارروائي جو مطالبو پڻ ڪيو.
هن چتاءُ ڏيندي چيو ته جيڪڏهن رياستي ڏاڍ جاري رهيو ته بلوچ يڪجهتي ڪميٽي طرفان سخت احتجاج ڪيو ويندو.
واضح رهي ته سومر جي ڏينهن بلوچ يڪجهتي ڪميٽي ۽ سياسي سماجي ڌرين طرفان ڊاڪٽر ماهه رنگ بلوچ، بيبرگ بلوچ ۽ ٻين ڪارڪنن جي گرفتاري خلاف ڪراچي پريس ڪلب اڳيان احتجاج ڪيو ويو، جنهن دوران سمي بلوچ سميت ڪيترن ئي ماڻهن کي گرفتار ڪيو ويو هو.

You might also like
Leave A Reply

Your email address will not be published.