اسلام آباد (ويب ڊيسڪ) حڪومت پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري جي ٽياڪڙي جي آڇ قبول ڪندي کيس تحريڪ انصاف سان ڳالهين جي ذميواري به ڏئي ڇڏي.
نجي ٽي وي چينل سان ڳالهائيندي وزيراعظم جي صلاحڪار راڻا ثناءُ الله چيو ته جيڪڏهن بلاول ڀٽو زرداري تحريڪ انصاف کان اجلاس ۾ شرڪت جي خاطري حاصل ڪري ته قومي سلامتي ڪميٽي جو اجلاس ٻيهر گهرائڻ ۾ ڪو حرج ناهي.
هن چيو ته بلاول ڀٽو زرداري پاڻ حڪومت ۾ آهي، جيڪڏهن پي ٽي آءِ ۽ حڪومت وچ ۾ ڳالهين ۾ ڪامياب ٿي وڃي ٿو ته اها اسان جي ئي ڪاميابي هوندي.
حڪومت بلاول جي ٽياڪڙي جي آڇ قبوليندي کيس پي ٽي آءِ سان ڳالهين جي ذميواري به ڏئي ڇڏي
Next Post
You might also like